سنڌ جا وسيلا سنڌ تي ئي خرچ ڪيا وڃن: ساڃاهه وند

  سنڌ جا وسيلا سنڌ تي ئي خرچ ڪيا وڃن: ساڃاهه وند

سيراڻي (رپورٽ:شاهنواز چاوڙو)  سيراڻي ۾سوشل ورڪر اتحاد بدين ۽ سيراڻي  پاران  لطيفي لات ۽ لاڙ جا مسئلا جي عنوان ھيٺ سيراڻي لڳ ڪوڪل جي پوٺي ۾ ھڪ شاندار مچ ڪچھري منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ هر مڪتب فڪر جي ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي. جنهن جي شروعات لاکيڻي لطيف جي بيتن سان سگهڙ قلندر بخش جمالي ڪئي. مير ابراهيم، مجيد احمداڻي، مولوي محمد جعفر ڀٽي، اسماعيل ريگستاني، هاشم ملاح جوڳي بابا، مولوي حاجي احمد ملاح، علي بخش ڏورٿ، خليفو قاسم جي شاعري ٻڌائي محفل کي مچائي ڇڏيو. لاڙ جا مسئلا جي حوالي سان لاڙ ڪيمپس بدين جي پروفيسر طفيل چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته هتان جا ماڻهو پنهنجي خوشحالي لاء هتي جي مارو ماڻهن کي پنهنجي اولاد کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻڻو پوندو. خادم ٽالپور شاھ نواز سيال،  نديم مغل،  اسلم ملاح، سومار ملاح، زين شاھ، حاڪم حيدري، ھاشم ملاح ٻين  چيو ته اسان جو صرف ھڪ ئي مطالبو آھي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ تي ئي خرچ ڪيا وڃن ھي لاڙ جو خطو جيڪو صدين کان وڻج واپار جي لحاظ کان شاهڪار رهيو آھي  جيڪو وقت جي  حڪمرانن جي پاليسن سبب  ڀڙ ڀانگ ٿي ويو آھي. ھتي جي وسيلن تي لٽ مار ڪئي وئي بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويو آھي، ھتي جرجو پاڻي کارو زهر ٿي ويو آھي جنهن سبب علائقي واسي مختلف بيمارين ۾  ڦاٿل رهن ٿا روزگارجي وسيلن جي اڻهوند سميت زراعت جا مناسب اگهه نه ملڻ سبب هتان جو ماڻهو پريشان آھي جنهن لاء هر فرد کي پنهنجو ڪردار اداڪرڻو پوندو اسان جي نوجوانن لاء اهڙيون سماجي سرگرميون ڪرڻيون پونديون جئين اسان جو نوجوان منشيات سميت ٻين سماجي براين کان محفوظ رهي تعليم طرف وڌي سگهي  آخر ۾  لاڙ جي سريلي راڳي استاد الھڏنو جوڻيجو  راڳ ٻڌائي هن شاندار مچ ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.