سنڌ جا ٻارڙا بازياب نه ٿيا، مهلت ختم: احتجاج تحريڪ بڻجڻ لڳو، ٻٻرلوءِ، ڄامشورو، حيدرآباد ۾ شاهراهون بند، ڌرڻا

سنڌ جا ٻارڙا بازياب نه ٿيا، مهلت ختم: احتجاج تحريڪ بڻجڻ لڳو، ٻٻرلوءِ، ڄامشورو، حيدرآباد ۾ شاهراهون بند، ڌرڻا

ٻٻرلوءِ (رپورٽ: عمران مستوئي) پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي، نويد لاشاري ۽ ٻيا ٻار بازياب نه ٿيا، پوليس کي ڏنل مهلت ختم، ٻٻرلوءِ باءِ پاس بند، قومي شاهراهه تي ڌرڻو تفصيل موجب  پريا ايڪشن ڪاميٽي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ۽ گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن پاران 27 ڏينهن کان جاري احتجاج باوجود مطالبا تسليم نه ٿيڻ خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب قومي شاهراهه تي آمدرفت مڪمل طور معطل ٿي وئي ۽ ٻنهي پاسن کان سوين ننڍيون وڏيون گاڏيون ڦاسي پيون، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل 27 ڏينهن کان هو پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، پر حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن سندن جائز مطالبن تي ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا آهن، هنن چيو ته اغوا ۽ گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي بازيابي بابت به ڪا نمايان اڳڀرائي سامهون نه آئي آهي، جنهن سبب هو مجبور ٿي قومي شاهراهه بند ڪيو آهي، احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪيترائي وارث سالن کان پنهنجن پيارن جي واپسي جا منتظر آهن، پر ادارا ان کي سنجيده نٿا وٺن، ان موقعي تي پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين اغوا ۽ گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ عملي ۽ نتيجا ڏيندڙ قدم نه کنيا ويندا ۽ سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، تيستائين احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، رات دير تائين آخري اطلاعن تائين احتجاج ۽ قومي شاهراهه جي بندش جاري هئي، ڪيترائي مسافر ڪلاڪن تائين روڊ کلڻ جا منتظر رهيا، جڏهن ته مال بردار گاڏيون به بيهجي ويون.
 

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٻٻرلوءِ احتجاج جي حمايت ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميهڙ ۾ به ڌرڻا هنيا ويا. تفصيل موجب سنڌ ۾ اغوا ۽ گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ جاري ڌرڻي جي حمايت ۾ ميهڙ ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ڄامشورو جا نوجوان به روڊن تي نڪري آيا. احتجاج ڪندڙن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ۾ واڌو واهه گيٽ وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب قومي شاهراهه جي ٻنهي طرف گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي ۾ مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن، وڪيلن ۽ شهرين جي شرڪت ڪئي، هنن چيو ته پريا ڪماري، اجالا سولنگي ۽ ٻين مغوي ٻارن جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رهندو. حيدرآباد ۾ ڌرڻي سبب سوين گاڏيون به بيٺل هيون، پوليس جا اٽالا به ڌرڻي واري ھنڌ تي پھچي ويا. ڪراچي ۾ پريا ڪماري ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿيل ٻين معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي، وڪيلن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪراچي جي تين تلوار وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ نامياري فنڪاره ۽ سماجي ڪارڪن شيما ڪرماڻي، جئيپال ڇاٻڙيا، عاقب راڄپر ۽ ٻين چيو ته پريا ڪماري سميت سمورن اغوا ٿيل ٻارڙن کي ترت بازياب ڪرائي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هلندڙ احتجاج کي ٻه سال مڪمل ٿي چڪا آهن، پر اڃا تائين ڪو به عملي نتيجو سامهون نه آيو آهي. مظاهرين ياد ڏياريو ته ٻه سال اڳ ساڳئي هنڌ سنڌ جي گهرو وزير پريا ڪماري جي والدين سان ملاقات ڪري جلد بازيابي جي خاطري ڪرائي هئي، ٻي جي آءِ ٽي جوڙي پئي وڃي، پر ٻارڙي اڃا بازياب ناهي ٿي.