سنڌ جا ڪيترائي مهاڻا سمنڊ ۾ ڦاٿل، انتظاميا رڳو اعلانن تائين محدود

جُون 11, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ۾ شدت اچي وئي، سنڌ جا ڪيترائي مهاڻا اڃا تائين سمنڊ ۾ موجود آهن

ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، لٺ بستي، چشما ڳوٺ  ۽ ٻين علائقن جا مهاڻا سمنڊ ۾ ڦاٿل آهن، مهاڻن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ طوفان جي شدت برقرارهئڻ باوجود اڃا سوين مهاڻن سمنڊ ۾ موجود آهن، ملير ضلعي انتظاميا طرفان مهاڻن کي  محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه پيو ڪيو وڃي

ماهيگيرن کي سمنڊ ۾ نه وڃڻ لاءِ مسجدن مان اعلان ڪيا پيا وڃن، مهاڻن کي وسندين ۾ الرٽ رهڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيو ويو.

Leave A Comment