سنڌ جا 3 ايس پي بدلي: خالد ڪورائي اي وي ايل سي ۾ مقرر

سنڌ جا 3 ايس پي بدلي: خالد ڪورائي اي وي ايل سي ۾ مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پوليس آفيسرن  جون بدليون، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب خالد مصطفي ڪورائي کي ايس ايس پي اي وي ايل سي، عامر عباس شاهه کي ايس پي آر آر ايف ڪرائوڊ مينيجمينٽ يونٽ حيدرآباد، خاور اڪبر شيخ کي ايس پي اسپيشل برانچ حيدر آباد مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته   ايس پي آر آر ايف الفلاح بيس علي رضا کي اي آءِ جي لاجسٽڪس جي وقتي چارج ڏني وئي.