| سنڌ جا 43 ايس پي ٿي ويا: 270 ڊاڪٽرن ۽ ڪامورن کي ترقي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 270 ڪامورن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن کي ترقي 18 ۽ 19 گريد ۾ ترقي، ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾صحت، انفارميشن، ڪاليج ايجوڪيشن، سوشل ويفيئر سميت مختلف کاتن جي 270 آفيسرن کي ترقي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾اطلاعات کاتي جي سينيئر آفيسر سرور سميجو کي ڊائريڪٽر طور ترقي ڏني وئي. گهرو کاتي (پوليس) سان واسطو رکندڙ 43 ڊپٽي سپرنٽينڊنٽس آف پوليس (ڊي ايس پيز) کي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس پي) گريڊ 18 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. صحت کاتي جي165 ميڊيڪل آفيسرن کي سينيئر ميڊيڪل آفيسر جڏهن ته 23 ڊينٽل آفيسرن کي سينيئر ڊينٽل سرجن جي عهدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. اهڙيءَ ريت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي 11 اسسٽنٽ پروفيسرن کي گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 19 آفيسرن کي19 گريڊ ۾ چيف لائبريرين طور ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. هوڏانهن سوشل ويلفيئر کاتي جي 6 آفيسرن کي ڊائريڪٽر طور ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.