سنڌ جا 5 اي سي موڪلن تي روانا: چارجون مختلف ڪامورن حوالي

آڪٽوبر 14, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ  جا 5 اسٽنٽ ڪمشنر  موڪلن تي روانا: اضافي چارجون مختلف ڪامورن حوالي ڪيون ويون آهن

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ جي چيف سيڪريٽري گلبرگ جي اسسٽنٽ ڪمشنر حسن ظفر  جي چار ڏينهن جي موڪل منظور ڪري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ  کاتي جي ضلعي آفيسر حاظم علي کي اضافي چارج سونپي آهي

 لانڍي جي اسسٽنٽ ڪمشنر مديحه ناريجو جي 10 ڏينهن جي موڪل منظور ڪري ڊي سي آفيس ڪورنگي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ 17هين گريڊ جي شگفته شيخ کي اضافي ذميواري ڏني وئي آهي

 اهڙي طرح شاهه فيصل جي اسسٽنٽ ڪمشنرساره انجم جي به 10 ڏينهن جي موڪل منظور ٿيڻ بعد اي سي (روينيو) ڪورنگي عارف علي کي اضافي چارج ڏني وئي

 اي سي سول لائين محمد ابوبڪر جي 10 ڏينهن جي موڪل منظور ڪرڻ بعد لياري جي اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد الطاف کي اضافي ذميواري سونپي وئي آهي

 ٺٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر وقاص ملڪ جي 12 ڏينهن جي موڪل منظور ٿيڻ بعد ٺٽي ضلعي جي چيف مانيٽرنگ آفيسر سجاد احمد انصاري کي واڌو چارج ڏني وئي آهي

Leave A Comment