سنڌ جا 6 ڊي آءِ جي ۽ ايس پي ڀتاخوري کان آجا: پٽيشن رد 

سنڌ جا 6 ڊي آءِ جي ۽ ايس پي ڀتاخوري کان آجا: پٽيشن رد 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوناري محمد صديق جي 6 پوليس عملدارن خلاف بليڪ ميلنگ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڀتا وصولي واري داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو هو ته عبدالواحد شيخ نالي شخص پوليس آفيسرن سان تعلق ظاهر ڪري بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، هن 3 ڊي آءِ جيز عرفان بهادر، اظفر مهيسر ۽ اسد رضا جي نالن تي ڪيترائي بار رقم طلب ڪئي آهي، پٽيشنر موجب جوابدار پوليس جي آفيشل گاڏي به استعمال ڪندو آهي.