تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سنڌ جون قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽيون پي ڊي ايم ۾ شامل ٿين

مخالف ڌر جي ڪراچي ۾ ٿيل جلسي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جتي نيون تجويزون ڏنيون ويون آهن اتي اها ڳالهه پڻ هلي رهي آهي ان جلسي ۾ ڪنهن سٺي تقرير ڪئي، ان حوالي سان منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽي وي چينل وارا سينسر ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن عوام پي ڊي ايم جي اڳواڻن جون تقريرون سوشل ميڊيا تي لائيو ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو پلس پوائنٽ اها هئي ته عوام پنهنجا راءِ به ڏئي رهيو هو. گل ميتلو لکيو ته سنڌ جون قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽيون پي ڊي ايم ۾ شامل ٿي سنڌ جو ڪيس ٻين جيان دنيا اڳيان پيش ڪن، سنڌين کي ملڪي ۽ عالمي سياسي وهڪرن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. جنهن تي حريف چانڊيو لکيو ته غور طلب تجويز اهي، موجوده قومي ۽ جمهوري مسئلا پي ڊي ايم جي اجلاسن توڙي جلسن ۾بحث هيٺ آهن ان ڪري سنڌ جي ترقي پسند پارٽين کي به هن تجويز تي مشورا ڪرڻ گهرجن. غلام حسين سولنگي لکيو ته پي ڊي ايم سليڪٽڊ پارٽيون آهن جيڪي عوام جا حق غصب ٿيندي ڏسي به اقتدار پسند ڪنديون. امر سنڌو لکيو ته پي ڊي ايم جو جلسو وڏين پارٽين جو نه پر صوبائي پارٽين جي وڏن ليڊرن جو هو جن کي پهريون ڀيرو کليل انداز ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو. شيدي شهناز، آمنا ابڙو، رخسانه شيخ اهڙي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، شيرين ناريجو لکيو ته بدقسمتي سان سنڌ جي پارٽين اهڙو موقعو وڃائي ڇڏيو، مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، محمود خان اچڪزئي، اختر مينگل ۽ مولانا فضل الرحمان جي تقرير سنڌي ماڻهن جي موقف جي ترجماني هئي، اهڙي پوسٽ تي بخت جمال لکيو ته اختر مينگل جي تقرير سٺي هئي، سعيد ميمڻ لکيو ته بلاول جي تقرير بهتر هئي، ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلاول، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل، مريم نواز ۽ محسن داوڙ جلسي ۾ سٺو ڳالهايو. امداد سيلرو پوسٽ شيئر ڪئي ته مريم نواز يا بلاول سٺي تقرير ڪئي اهڙي پوسٽ تي اڪثر ماڻهن چيو ته مريم نواز سٺي تقرير ڪئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *