سنڌ جون 715 عمارتون ناقابلِ رهائش ۽ استعمال قرار ڏئي خالي ڪرڻ جو حڪم 

سنڌ جون 715 عمارتون ناقابلِ رهائش ۽ استعمال قرار ڏئي خالي ڪرڻ جو حڪم 

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي(ايس بي سي اي)جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي صوبي جي 715 عمارتن کي ناقابلِ رهائش ۽ ناقابلِ استعمال قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ايس بي سي اي جي ترجمان چيو ته زبون حال عمارتن کي خالي ڪرايو پيو وڃي، جن کي مرحليوار ڊاهڻ جو عمل جاري آهي، ڪراچي ۾ ڪيترين زبون حال عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل لسٽ موجب ڪراچي ۾ 563، حيدرآباد ۾ 81، سکر ۾60، ميرپورخاص ۾ 7 ۽ لاڙڪاڻي ريجن ۾ 4 خطرناڪ عمارتون شامل آهن، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ عمارتون ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ 422 آهن، جڏهن ته سينٽرل ۾ 72، ڪياماڙي ۾ 28، ڪورنگي ۾ 18، ايسٽ ۾16 ۽ ملير ۾ 5 عمارتون آهن. ايس بي سي اي موجب  خطري وارين عمارتن تي بينر لڳائي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان ڪرايا ويندا.