سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي مجموعي کوٽ 45 سيڪڙو کان وڌي وئي، سڀ کان وڌيڪ 68 سيڪڙو کوٽ ڪوٽڙي بئراج وٽ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 52 ۽ سکر بئراج وٽ 30سيڪڙو کان مٿي ٿي وئي
ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب سنڌ ۾ آڳاٽي خريف دوران ٽنهي بئراجن وٽ پاڻي جي گهرج 77600 ۽ فراهمي رڳو 41279 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته گڊو بئراج جي واهن جي پاڻي گهرج 16100 ۽ کڻت 7234 ڪيوسڪ آهي، جنهن ۾ بلوچستان جو پاڻي پڻ شامل آهي، موجوده ڏهي ۾ سکر بيراج جي ايلوڪيشن 43800 ڪيوسڪ آهي، جنهن ۾ بلوچستان جا 500 ڪيوسڪ شامل آهن
هن وقت سکر بئراج جي واهن جي کڻت رڳو 26320 ڪيوسڪ آهي،سنڌ جي آخري بئراج ڪوٽڙي جي ايلوڪيشن 21700 هوندي کڻت رڳو 7725 ڪيوسڪ آهي، سکر بئراج مان ڪوٽڙي لاءِ رڳو 14150 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي
هوڏانهن سنڌو جي اپ اسٽريم ۾ برساتن بعد پاڻي ۾ واڌارو ٿيو آهي،ڪابل ندي نوشهري وٽ 41400 ڪيوسڪ تي پهچي وئي، ڪالهه چشما بئراج جي هيٺاهون وهڪرو 9234 ڪيوسڪ وڌائي 93200 ڪيوسڪ ڪيو ويو، اهو پاڻي 6 ڏينهن کانپوءِ گڊو پهچندو
چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي کولي 875 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو،ارسا ذريعن موجب سي جي جي کڻت اڃا وڌائي ويندي
ٻئي طرف ارسا سنڌ جي اعتراضن کي ٿڏي ٻوڏ دوران وهائڻ لاءِ قائم ٿيل سي جي لنڪ ڪئنال کي کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احتجاج ڪندي لکت ۾ اعتراض پيش ڪيو
ان ڏس ۾ ارسا جو اجلاس ارسا چيئرمين اسجد امتياز علي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب صوبي جي مطالبي تي سي جي لنڪ ڪئنال کي کولڻ تي غور ڪيو ويو، جنهن جي سنڌ ميمبر زاهد جوڻيجي مخالفت ڪئي، جڏهن ته وفاق مان ارسا ۾ ميمبر مقرر ٿيل ارسا چيئرمين، پنجاب جي ميمبر امجد سعيد ۽ بلوچستان جي ميمبر عبدالحميد مينگل به تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال کي کولڻ جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو
ٽن ميمبرن جي اڪثريتي ووٽن سان سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن کانپوءِ سي جي لنڪ ڪئنال کي ڪالهه کولي 900 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو ويو ، جڏهن ته ٽي پي لنڪ ڪئنال مان پاڻي جي کڻت اڳ ئي جاري آهي، ٽي پي لنڪ ڪئنال کي هڪ هزار ڪيوسڪس پاڻي جي فراهمي ڪئي وئي
ذريعن مطابق ارسا اجلاس دوران ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي سي جي لنڪ ڪئنال کي وهائڻ کي پاڻي ٺاهه جي لتاڙ ڏيندي چيو ته تربيلا ۾ پاڻي جي سطح 1550 فوٽ هجڻ، هر صوبي کي پاڻي جي فراهمي سندس گهرج مطابق ٿيڻ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کي روزانو 5 هزار ڪيوسڪس پاڻي جي فراهمي ٿيڻ تائين سي جي لنڪ ڪئنال کي کولي نٿو سگهجي
سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي لکت ۾ اعتراض جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، سي جي لنڪ ڪئنال کي ان وقت کوليو ويو آهي جڏهن سنڌ کي گڊو وٽ انڊينٽ مطابق 90 هزار بجاءِ ڪالهه هزار 41279 ڪيوسڪس پاڻي ملي رهيو هو
ٻئي طرف ارسا ترجمان خالد رانا ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ارسا اڪثريت راءِ سان سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جي اجازت ڏني آهي، ارسا ۾ وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان جي ميمبر سي جي لنڪ ڪئنال کي کولڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته سنڌ جي ميمبر ان جي مخالفت ڪئي
هن چيو ته سي جي لنڪ ڪئنال کي گريٽر ٿل ڪئنال جي منتري برانچ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ کوليو ويو آهي، سي جي لنڪ ڪئنال ذريعي انڊس زون جو پاڻي جهلم زون ۾ منتقل نه پيو ڪيو وڃي
هن چيو ته پنجاب پنهنجي حصي مان گريٽر ٿل ڪئنال جي منتري برانچ کي پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي، هن سنڌ جي موقف جي ابتڙ دعويٰ ڪندي چيو ته سي جي فلڊ ڪئنال ناهي، سي جي 15 اپريل تي کلندو آهي پر هيل پاڻي کوٽ سبب 27 مئي تي کوليو ويوآهي
هن تصديق ڪندي چيو ته سنڌ صوبي جي انڊينٽ 90 هزار ڪيوسڪس آهي ارسا پاران 75 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، اڄ آچر ڏينهن تائين گڊو جا وهڪرا 60 هزار جي لڳ ڀڳ پهچندا، هن دعويٰ ڪندي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب کي 27 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي