قومي ۽ عوامي جبر جو هڪ معصوم مثال اهو به آهي ته جمهوري جدوجهد مان عوام ۽ ملڪ جي سياسي سرگرميءَ مان سنڌ کي آئوٽ ڪيو ويو آهي. ڪڏهن ته سنڌ کان سوا سياسي جدوجهد جو تصور ڪرڻ هڪ ڏوهه سمجهيو ويندو هو. اهو دور ڪهڙي عياريءَ سان دفن ڪيو ويو؟ هاڻي ان سوال تي سوچڻ وارا به تلاش ڪرڻا ٿا پون. جڏهن ته هڪ وقت هو، هڪ اهڙو وقت جنهن ۾ سنڌ ملڪ جي سياسي سالار هئي. بلوچ پنهنجي مخصوص مزاج واري سياست ڪندا هئا. ڪجهه سرداري ۽ ڪجهه سرڪشي واري سلسلي جا وارث هوندا هئا، بلوچ! هو جيڪو پوري زور سان نعرو نغمي جهڙو نعرو هڻي، ان جو پڙاڏو پاڪستان جي اقتداري گنبذ ۾ پيدا ڪندا رهندا هئا، اهي هاڻي به پنهنجي ڪرت سان لڳا پيا آهن.
آمريڪا جو مشهور سياسي مبصر ۽ ڏکڻ ايشيا جي قومي ۽ قبائلي سياست جي گهري نظر رکندڙ سليگ هيريسن به تسليم ڪندو هو ته سياسي سجاڳيءَ ۾ پٺاڻ بلوچن کان پوئتي بيٺل آهن. جڏهن ته سياست جي سنگ لاخ پٽ تي پنجابين جو ته پير ئي نه پيو هو. پنجابي چئن ڏهاڪن تائين اقتدار جي سطحي سياست ۾ ڀنگڙا وجهندا نظر ايندا هئا. انهن جو تعداد ان وقت به پاڪستان جي ٻين صوبن مان سرس نه پر فيصلاڪن حد تائين وڌيڪ هو. پر انهن ۾ سياست جو نه ڏنگ هو ۽ نه ڏانءُ هو. ان صورتحال جو سڀ کان زبرو مثال ميڊيا جي حوالي سان پيش ڪري سگهجي ٿو. اها هڪ عام حقيقت آهي ته جنهن جنهن قوم ۾ يا جنهن جنهن ماڳ تي عوام جي سياسي سمجهه سرگرم هوندي آهي، اتي ميڊيا ۾ ان جو عڪس پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پوندو آهي. ڇا سادي حقيقت آهي ته جنهن دور ۾ هي ملڪ سياسي طور تي تمام گهڻو سرگرم هو، ان وقت ملڪ جي مني ميڊيا جو مرڪز سنڌ هئي. سڀ کان وڌيڪ اخبارون سنڌ ۾ شايع ٿينديون هيون. سڀ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌ ۾ لکيا، ڇپيا ۽ پڙهيا ويندا هئا. سياسي بحث مباحثن جو موضوع سنڌ هئي. ان جو سبب اهو به هو ته پاڪستان ٽٽڻ کان پوءِ يعني بنگال جي بنگلاديش ٿيڻ بعد سنڌ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي والي وارث صوبي پنجاب ۾ تمام گهڻي تشويش هئي. ڇو ته سنڌ ۾ جهڙي طرح جي ايم سيد پاران سخت موقف واري قومپرست تحريڪ اڀاري وئي هئي ۽ ان ۾ جيڪو اديبن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ محققن جو وڏو تعداد شامل ٿي ويو هو، ان مان پنجاب هڪ قسم جو پوٽينشل ٿريٽ (Potential Threat) محسوس ڪندو هو. اهوئي سبب هو ته پنجاب ۾ ان عدم تحفظ واري احساس کي زيڊ اي ڀٽو به پنهنجي مخصوص انداز سان ايڊريس ڪندو هو. جڏهن ته وقت اڳ حڪومت هلي وڃڻ جي صورت ۾ بينظير ڀٽو اجرڪ اوڍي “لاهور ۽ لاڙڪاڻي” جو فرق واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
قومپرستي سنڌ جي سياسي ڪمزوري به هئي ۽ طاقت به! پر سنڌ ۾ صرف قومپرستي نه هئي. سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو مضبوط موقف به هو. پنجاب ۾ چيني سوشلزم جو ڪجهه چهچٽو هوندو هو پر جهڙي طرح سنڌ ۾ ٺوس نظرياتي بحث ٿيندا هئا. سنڌ ۾ سوشلزم، ڪميونزم، سيڪيولر ازم ۽ قومپرستيءَ جا موضوع سدائين زباني ۽ قلمي بحث لاءِ بيقرار نظر ايندا هئا. جڏهن ته ان دور ۾ پنجاب اهڙن احوالن مان اڪتائجي پاسي ورائي ستو پيو هوندو هو ۽ ان وقت به پنجاب جي عوامي سجاڳي هڪ اهم سوال هوندي هئي. جڏهن ته ان دور جي سرحد ۽ موجوده ڪي پي ڪي ۾ سياست جي سنجيدگيءَ جو نالو نشان نه هو. جيتوڻيڪ ان وقت به اتي خان غفار خان جو اثر رسوخ هو ۽ باچا خان جي بي مثال شخصيت کان ڪجهه پرڀرو ولي خان جي پختون قومپرستيءَ واري سياست به پنهنجي وجود کي ميڙي سيڙي هلندي هئي پر ان سموري صورتحال جو پاڪستان جي سياسي ماحول مٿان اهڙو اثر هرگز نه هو، جهڙو سنڌ جو تسليم ڪيو ويندو هو. هڪ وقت هو ۽ وڏي فڪر ۽ فخر سان هو، جڏهن ڪنهن به تجرباتي سيٽ اپ ۾ سنڌ کي اهم ذميواري نه ملڻ جو سوال ئي اٿندو هو. ان وقت سنڌ جي حصي ۾ يا ته وزارت عظميٰ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايوان صدر ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ جي موجدگي ملڪ جي وسيع تر مفاد لاءِ ضروري سمجهي ويندي هئي. پر هاڻي پاڪستان جي اقتداري دسترخوان تي سنڌ جي حصي ۾ ٻن ٻوٽين جهڙيون وزارتون ئي اچن ٿيون.
هن وقت پاڪستان تمام اهم موڙ تان گذري رهيو آهي. هن دور ۾ جڏهن نگران سيٽ اپ کي وڏي سوچ ۽ ويچار سان سرجيو ويو آهي ته ان ۾ اسان وٽان اسان جا ٻه دوست ٻن وزارتن جي حوالي ڪيا ويا آهن، جيتوڻيڪ انهن مان هڪ جو تعلق کاٻي ڌر جي سرخ سياست ۽ ٻي جو تعلق سنڌ جي قومپرست سياست جي اڳين صف سان رهيو، پر هن دور ۾ مجال آهي جو عوامي ۽ قومي مسئلن جي حوالي سان ٻڙڪ به ٻاڦي سگهن. سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪرڻ جو ته هو تصور به ڪري نه ٿا سگهن. جيڪڏهن انهن کان اهڙو سوال به پڇيو وڃي ته هو منهن ۾ گهنج وجهي سوال ڪرڻ کي پنهنجي خلاف سازش سمجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به قرار نه ڏيندا. ڇو ته هن وقت سنڌ جي سلسلي ۾ سياسي حقن جو تصور به تباه ٿي چڪو آهي. ان ڪري جنهن کي جيڪو ڪجهه ملي ٿو، اهو ان کي غنيمت سمجهي اهي ٻول جهونگاري ٿو:
“يه بڙي ڪرم ڪي هين فيصلي
يه بڙي نصيب ڪي بات هي”
سو! جهڙي طرح ملڪ ۾ حقيقي جمهوري ۽ عوامي شموليت واري سياسي جدوجهد کي وڏي مهارت سان ملياميٽ ڪيو ويو، تهڙي طرح سنڌ کي ملڪي سياست مان اهڙي ريت آئوٽ ڪيو ويو، جهڙي ريت استاد بخاريءَ پنهنجي مشهور ڪلام ۾ لکيو هو:
“ڄڻ ته آيو نه هوس،
ڄڻ ته ڄايو نه هوس،
منهنجي نالي مٿان
ليڪ واري ڇڏيو”
پاڪستان جي سياسي دفتر ۾ سنڌ جي نالي مٿان اهڙي ليڪ واري وئي آهي.
هن وقت ملڪ جو سياسي ميلو مڪمل طور تي پنجاب ۾ نظر پيو اچي. اسٽيبلشمينٽ به اتي، اپوزيشن به اتي، سياسي اسير به اتي ۽ ملڪ جي ايندڙ سيٽ اپ جو تياريون به ان جاءِ تي ٿي رهيون آهن، جنهن ملڪ جي ماضيءَ ۾ ڪو اتو پتو نه هو. هن وقت نه صرف سياست نه پر ملڪ جي ميڊيا تي پنجابيءَ جو تڙڪو ناهي پر ميڊيا مڪمل طور تي پنجابي لهجي ۽ لفظن ۾ رڱيل نظر اچي ٿي. سنڌ کي سياسي طور تي پوئتي رکڻ ۾ اهم ترين ڪردار ڪنهن جو آهي؟ ظاهر آهي ته هي معاملو سياست جو آهي، ان ڪري اسان قسمت جو ذڪر نه ٿا ڪري سگهون. سياست ڪوشش ۽ ڪردار جو نالو آهي. سنڌ کي جهڙي طرح سمجهوتي بازيءَ واري واٽ تي آڻي ان جو سياسي شعور ڦري ۽ سياست کي سستي سودي جو وکر بڻائي، ان کي بريانيءَ تي ٿيلهيءَ تي نچڻ ڪڏڻ سيکاريو ويو، هي سڀ ان ڪردار جو نتيجو آهي. ڀلا برا هر هنڌ هوندا آهن. پنجاب جي جلسن ۾ به ڪرائي ٿي آندل ماڻهو موجود هوندا آهن۽ اهڙي ڪرت ۾ صرف جهانگير ترين جي استحڪام پارٽي ناهي پر هاڻي مسلم ليگ به ان مجبوريءَ جي دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي. پر پنجاب صرف جهانگير ترين ۽ فردوس عاشق اعواڻ ناهي. پنجاب فقط شهباز شريف ۽ مريم نواز ناهي. پنجاب رڳو انهن مخصوص ڪردارن تائين محدود ناهي، جيڪي ڪجهه ڏينهن لاءِ گم ٿيڻ بعد ڪنهن پريس ڪانفرس، ڪنهن ٽاڪ شو ۾ پنهنجي ماضيءَ واري ڪردار تي ملامت ڪندا نظر اچن ٿا. پنجاب ۾ هڪ ناقابل نظرانداز تعداد اهڙن فردن جو آهي، جيڪي هن وقت به هر سطح تي سرڪار ۽ هر سطح تي سمجهوتي جا سخت مخالف آهن. انهن وٽ هڪ واضح ۽ عوامي موقف آهي. انهن وٽ جمهوريت جو جهڪيل ۽ دٻيل تصور ناهي.
پنجاب جي اهڙن ماڻهن جو وڏو تعداد ملڪ کان ٻاهر قانوني طور تي محفوظ ملڪن ۾ به آهي ۽ اهي سوشل ميڊيا تي سرگرم به آهن پر سچائي اها به آهي ته سوين نه پر هزارين سياسي ڪارڪن جيڪڏهن جيلن ۾ آهن ته انهن جي ٻولي به بلها شاهه ۽ بابا فريد واري آهي. انهن جي سياسي نظرين ۽ انهن جي سياسي قيادت واري قربدار سوچ سان سهمت ٿيڻ نه رڳو درست ناهي پر هو واقعي به غلط گيڙ ۾ اچي ويا آهن پر انهن جي سياسي عمل کان انڪار ڪرڻ ۽ انهن جي سياسي ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به طور تي جائز ناهي. جڏهن ته پنجاب جي سياسي اسيرن ۾ اهڙن ماڻهن جو به چڱو خاصو تعداد آهي، جيڪي ماڻهو سکن ستابن گهرن جا فرد آهن. جن چانديءَ جي چمچي ۾ کاڌو ۽ ولايتي ڪانچ واري گلاس ۾ پاڻي پيتو، هن وقت هو جهڙي ريت مرغي خانن جهڙن جيلن ۽ سيلن ۾ واڙيل آهن، انهن جي اهڙي وجود کان صرف انڌيون اکيون ڏسي نه ٿيون سگهن ۽ انهن جي وجود جو انڪار صرف ڪوڙيون زبانون ئي ڪري سگهن ٿيون. ڇو ته ان حقيقت کي ملڪ جي عام ميڊيا ۾ اسپيس نه ملڻ سبب اها سچائي گهربل شدت سان پنهنجو وجود تسليم ڪرائڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهي آهي پر جيڪو سچ آ، اهو سچ آ!
سچ اهو آهي ته هن وقت پنجاب ملڪ اهو صوبو آهي، جتي ملڪ جو سياسي ميدان سجيل آهي ۽ اهو برو عمل ناهي. اهو هڪ بهتر عمل آهي. پنجاب جو غير سياسي ذهن ۽ سياسي حوالي سان هن جو دٻو دماغ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ بلڪل به نه هو. پر اسان جي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي قوم جي حوالي سان فڪر ڪرڻ گهرجي ته جهڙي ريت سنڌ کي سياسي ميدان مان آئوٽ ڪيو ويو آهي، ان جا سنڌ مٿان ڀرپور سياسي اثر پئجي رهيا آهن. سنڌ ته ڇا پر دنيا جي ڪا به قوم سياسي سمجهه ۽ سرگرميءَ کان وانجهي ٿي، پنهنجي وجود جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي.
سنڌ واحد ۽ اڪيلي قوم ناهي، جنهن سان اها واردات ٿي هجي. دنيا ۾ تمام گهڻين قومن سان اهڙا ڪلور ٿيا آهن. پر ان کي وري پنهنجي ماضيءَ جي سار سان پنهنجو وڃايل وجود لهڻ جو فرض ادا ڪرڻ گهرجي.
اوير يا سوير هر ساڌوءَ کي پنهنجو بنواس ڀوڳي ماڳ موٽڻو هوندو آهي.
عقاب ڪيترو به دور اڏامي وڃن پر پوءِ به انهن کي پنهنجن پهاڙي آشيانن طرف واپس ورڻو هوندو آهي.