سنڌ جو شديد اعتراض: پنجاب تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبو منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام

ڊسمبر 12, 2023

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ جي شديد اعتراضن بعد تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي ڪئي وئي، پنجاب سرڪار ڪوششن باوجود تڪرار ڪئنال منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو، اجلاس جي ايجنڊا ۾ تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال جي منظوري شامل هئي، اجلاس ۾ سنڌ جي نگران وزير يونس ڍاگا شرڪت ڪئي، ذريعن موجب يونس ڍاگا اجلاس ۾ تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبي جي شديد مخالفت ڪندي موقف رکيو ته نئون ڪئنال اَڏڻ لاءِ سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي، سنڌ ۾ زرعي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ آهي، گريٽر ٿل ڪئنال جو معاملو ايڪنڪ ۾ نه کنيو وڃي، نئين چونڊيل حڪومت اهو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃي، سي سي آءِ ۾ تڪراري ڪئنال تي فيصلو ڪرڻ ضروري آهي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ سنڌ جي شديد اعتراض کان پوءِ گريٽر ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي، ايڪنڪ رٿابندي ۽ پاڻي معامرن وزارت کي صوبن جي مشاورت سان گريٽر ٿل ڪننال منصوبي بابت مناسب سمري تيار ڪرڻ ۽ ماضيءَ ۾ اِن منصوبي بابت ايڪنڪ جي ٿيل اجلاسن جي فيصلن تي عمل درآمد ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي. ايڪنڪ سکر ۽ گڊو بئراج جي بحالي لاءِ 74 ارب، سنڌ جي پنج ضلعن ۾ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ 86 ارب، ٿرڪول کان پورٽ قاسم تائين ريلوي نيٽورڪ جي قيام لاءِ 53 ارب جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته سنڌ صوبي جي ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيل پنجن ضلعن خيرپور، دادو، لاڙڪاڻو، نوشھروفيروز ۽ قمبرشھدادڪوٽ جي مڪمل متاثر ٿيل 482 ۽ جزوي طور متاثر ٿيل 1125 اسڪولن جي بحالي جو ڪم ٿيندو. ايڪنڪ جو اجلاس نگران ناڻي وزير شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منصوبي تي غور ڪيو ويو جنھن جي ڪل لاڳت 38 ارب 37 ڪروڙ 22 لک 24 ھزار روپيا آھي. يونس ڍاڳا موقف اختيار ڪيو ته اِن منصوبي بابت ايڪنڪ پھريان فيصلو ڪري چڪي آھي پر ان کي غور لاءِ لاڳاپيل فورم تي موڪليو ويندو، اِن ڪري اِن جي منظوري نه ڏني وڃي، جڏھن ته خيبرپختونخوا ۾ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ 25 ارب، ڪي پي ڪي ۾ پناھگيرن جي ٻارن جي تعليم لاءِ 32 ارب، ڪي پي ڪي ۾ انساني ترقي لاءِ 24 ارب جي منصوبن جي منظوري سان گڏ پشاور نادرن باءِ پاس جي 27 ارب رپين جي لاڳت جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي آھي.

گريٽر ٿل ڪئنال جا فنڊ روڪيو: پ پ جي ايشيائي بينڪ کي اپيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ  نگران وفاقي سرڪار پاران تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال جي فيز 2 ۽ چوبارا ڪئنال منصوبي کي ايڪنڪ جي ايجنڊا جو حصو بڻائڻ واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو هڪ بيان ذريعي ايشيائي بينڪ کان مطالبو ڪيو آهي ته تڪراري منصوبي لاءِ رقم جاري نه ڪئي وڃي، هن چيو ته ايڪنڪ ۾ اڳ به انهي تڪراري منصوبي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ان منصوبن کي ٻيهر ايڪنڪ جي اجلاس واري ايجنڊا ۾ شامل نه ٿو ڪري سگھجي. هاڻي اهو اختيار سي سي آءِ وٽ آهي، نگران حڪومت اختيار نه هجڻ باوجود رٿا کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو آهي. هن چيو ته اضافي پاڻي موجود ئي ناهي ته پوءِ ٿل ڪينال فيز ٽو ۽ چوباره ڪينال لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڄاڻايل منصوبو 91ع واري پاڻ ٺاھ ۾به  موجود  ناهي، هن چيو ته سي سي آءِ کي گهرجي ته سنڌ مٿان لٽڪيل منصوبي کي هميشه لاءِ رد ڪري

عورتن لاءِ 13 ارب قرض، نوجوانن لاءِ ليپ ٽاپ منصوبا منظور

اسلام آباد: ايڪنڪ وزير اعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ذريعي عملدرآمد ڪرائڻ واري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي،  اِن منصوبي لاءِ 16 ارب 80 ڪروڙ 12 لک رپين جي منظوري ڏني وئي آھي. ذريعن مطابق ايڪنڪ بلوچستان جي ھوشيار شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ اضافي 12 سيڪڙو جڏھن ته ميرٽ تحت ليپ ٽاپ جي فراھمي جو تناسب 6 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي به منظوري ڏني آھي. جڏهن ته عورتن کي ڪاروبار لاءِ ننڍا قرض ڏيڻ لاءِ 31 ارب جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Leave A Comment