ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جو نگران وڏو وزير ڪير ٿيندو؟ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ٻيهر ملاقات ۾ به اتفاق نه ٿي سگهيو،اڄ ٽيهر مشاورت ٿيندي
سنڌ ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري جي حوالي سان وزيراعليٰ مراد شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ٻيهر ملاقات ٿي جنهن ۾ مختلف نالن تي مشاورت ڪئي وئي پر ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو
وزيراعليٰ مراد شاهه سان ملاقات کانپوءِ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نگران وزيراعليٰ لاءِ تمام گهڻا نالا آهن، ڪوشش هوندي ته ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ٿي وڃي
هن چيو ته منهنجي سامهون جيتريون مائيڪ آهن اوترا نالا آهن، مشاورت لاءِ وقت گهربل آهي، قيادت سان مشاورت ڪنداسين
اپوزيشن ليڊر چيو ته سڀاڻي تائين اتفاق ٿيڻ جي اميد آهي، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سان سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي، ٻه ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، سڀاڻي جيڪڏهن اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪاميٽي ڏانهن ويندو
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اپوزيشن ليڊر رعنا انصار جي وڏي وزير سان ٿيل ملاقات دوران ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون هيون، ٻنهي ڌرين قيادت سان مشاورت بعد نگران وڏي وزير لاءِ نالا پيش ڪرڻ تي اتفاق ظاهر ڪيو هو
گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو هو ته پارلياماني ڪاميٽيءَ کي به 3 ڏينهن ڏنا ويندا، پارلياماني ڪميٽيءَ ۾ فيصلو نه ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو