سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي: نوَان صوبا ٺاهڻ جا شوقين صوبائي اسيمبلي ۾ ٺهراءَ آڻي ڏيکارين: وزيراعليٰ جو چئلينج 

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ چيو آهي ته سنڌ جو  ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، فيصلو عوام جي مرضيءَ سان ٿيندو، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن کي نوَان صوبا ٺاهڻ جو شوق آهي، ٺهراءَ کڻي اچي، عوام جيئن چاهيندو، تيئن ٿيندو، منهنجي يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي صوبا نه ٺهندا، اسان چاهيون ٿا ته مڪاني نظام وڌيڪ مضبوط ٿئي،  ڪيٽي بندر ڊيپ سي پورٽ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو، اسان انهي رٿا کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪنداسين، ڪالهه ڪورنگي ۾ هڪ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ اسيمبلي صوبي کي ورهائڻ جي ڪنهن به حرڪت کي رد ڪرڻ لاءِ 6 قراردادون پاس ڪري چڪي آهي. سنڌ جي مستقبل بابت ڪو به فيصلو هتان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو آئينو هجڻ گهرجي. هن چيو ته آئون سنڌ اسيمبلي، انهي جي چونڊيل ميمبرن ۽ سنڌ جي عوام اڳيان جوابده آهيان. سنڌ جو عوام ئي فيصلو ڪندو ته اهي ڇا ٿا چاهين؟ نه منهنجون خواهشون ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي ذاتي پسند عوام جي مرضيءَ کان مٿانهين ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير چيو ته مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ  پ پ جي سياسي فلسفي (منشور) جو حصو آهي، ملڪ ۾ سنڌ ئي واحد صوبو آهي جتي فعال مڪاني ڍانچو موجود آهي، چونڊيل مڪاني ادارا هڪ مخصوص لوڪل گورنمينٽ قانون تحت ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان مڪاني ادارن کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ جو سلسلو جاري رکنداسين، وڌيڪ اختيارن سان گڏوگڏ احتساب، انتظامي صلاحيت ۽ سروس ڊليوري کي وڌائڻ جي به ضرورت آهي. هن راءِ ڏني ته ٻين صوبن کي به پنهنجا لوڪل گورنمينٽ سسٽم قائم ۽ مضبوط ڪرڻ گهرجن ته جيئن بنيادي سطح تي اثرائتي حڪمراني ۽ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير ڪيٽي بندر ڊيپ سي پورٽ منصوبي بابت ڳالهائيندي چيو ته اهو اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، سنڌ حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان هن خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ 1854  ۽ پورٽ قاسم 1972 ۾ قائم ٿيا ڪيٽي بندر انهن کان گهڻو پراڻو آهي، بدلجندڙ عالمي واپاري صورتحال ۽ تازي بين الاقوامي اڳڀرائي ڪيٽي بندر تي بندرگاهه قائم ڪرڻ جي دليل کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هي منصوبو خطي جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. مراد علي شاھ چيو ته ٿر ڪوئلو هڪ گيم چينجر طور اڀري آيو آهي. الله چاهيو ته ڪيٽي بندر ڊيپ سي پورٽ به هڪ تاريخي ترقياتي منصوبو بڻجندو، هن چيو ته پمز سانحي تي ڪنهن جي به استعيفيٰ جو مطالبو نه ڪندس، سانحن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، پمز جهڙا سانحا اسان وٽ به ٿي چڪا آهن، گڏجي ڪم ڪري حالتون بهتر ڪرڻ گهرجن: