“سنڌ جو ورهاڱو نامنظور”  لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جو مارچ، ڇڪتاڻ، 13 اڳواڻ گرفتار، ڌرڻو

“سنڌ جو ورهاڱو نامنظور”  لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جو مارچ، ڇڪتاڻ، 13 اڳواڻ گرفتار، ڌرڻو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نون صوبن جي مهم، جلال پور ۽ ٻين ڪينالن، ڊيمن توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي سجاڳي مهم ي سلسلي ۾ جناح باغ کان نڪتل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس احتجاجي ريلي تي چڙهائي ڪري عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد مهيسر، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر علي محمد وڪو، علي حسن وڪو، غلام مصطفيٰ ابڙو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي ميراڻي، عبدالرحمان چانڊيو، ذوالفقار ڪلهوڙو سميت 13 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. لاڪپ اندر عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون جناح باغ چوڪ تي هينڊ بل ورهائن پيون ۽ سنڌ ٽوڙڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف احتجاج هو پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ذريعي اسان جي پرامن احتجاج تي چڙهائي ڪري 13 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، پڇا ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته کين حڪم آهي ته سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، اڳواڻن چيو ته  اسان جو هي احتجاج پرامن هيو پر ان جي باوجود اهڙي ڪاروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ حڪومت طرفان ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏ خالد مقبول صديقي هٿياربند ويڙهه جي ڳالهه ڪندڙن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري، اسان پرامن احتجاج پيا ڪيون ته اسان سميت اسان جي ڀينرن کي گرفتار ڪيو ٿو وڃي، اڳواڻن چيو ته پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪندڙ پرامن ۽ هٿين خالي سنڌين کي گرفتار ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته اسان سِر ڪٽائينداسين پر سنڌ ورهائڻ نه ڏينداسين. جيسيتائين سنڌ جو ٻچو ٻچو زندهه آهي ڪو به سنڌي ماڻهو سنڌ ورهائڻ نه ڏيندو. اسان مزاحمت ڪنداسين ۽ سنڌ هنن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندي. ٻئي طرف سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پريس ڪلب تائين پرامن مارچ جاري رکيو ۽ پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو جنهن دوران ليڊيز پوليس ماهه نور بانو ملاح سميت ٻين عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان مزاحمت تي ليڊيز پوليس رواني ٿي وئي.ماهه نور ملاح، ثمرين خاصخيلي، ڊاڪٽر حفيظان راهوجو، پرهه نور، ريشمان راهوجو، بشيران راهوجو، ڪومل وڪو، ارم وڪو، ڊاڪٽر پرهه، فزا راهوجو ۽ زويا راهوجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي وئي آهي، ميڊيا ۽ عدليا کي قيد ڪيو ويو آهي، پرامن جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي پرامن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪري پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻي آهي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته ايندڙ پنجن ڏينهن تائين لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف شهرن، ڳوٺن، بازارن ۽ پاڙن ۾ عوامي سجاڳي مهم جاري رکي ويندي.