| سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: سانا |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون انتظامي يونٽن جي قيام بابت حڪومتي ڌرين جي بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي سلامتي، اتحاد ۽ تاريخي سڃاڻپ ريڊ لائين آهي. سنڌ جي ورهاڱي، تاريخي سرحدن ۾ تبديلي يا صوبي اندر نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ بابت ڪنهن به تجويز يا سياسي بيان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اهڙا معاملا ڪنهن به قسم جي مبهم يا غير ذميواراڻن بيانن جا متحمل ناهن. سَانا چيو آهي ته سنڌ رڳو هڪ انتظامي يونٽ نه پر هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ جي امين ڌرتي آهي. سنڌ جي سلامتي، تاريخي حيثيت ۽ وفاقي ڍانچي ۾ انهي جي آئيني مقام جو هر حال ۾ احترام ڪيو وڃي. هن چيو ته سانا امن، جمهوريت، آئيني بالادستي ۽ سنڌ جي عوام جي حقن جي دفاع لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.