سنڌ جو ورھاڱو ڪنهن به صورت قبول ناھي، ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: سنڌ جا وڪيل

  سنڌ جو ورھاڱو ڪنهن به صورت قبول ناھي، ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: سنڌ جا وڪيل

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڪيلن 27 ھين ترميم کي رد ڪري ڇڏيو، 14 نومبر تي ڪورٽ کان ريلي ڪڍي واڌو واھه تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ڪنوينشن ۾ آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪاميٽي جو سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ڪي بي لغاري، عامر وڙائچ، الطاف سچل اعواڻ، حسيب جمالي، حق نواز ٽالپر، سجاد چانڊيو، اشرف سمون، مير احمد مڱريو، اشعر مجيد کوکر، بابر مسعود رسول ميمڻ، سيد طارق شاھه، علي اڪبر بروهي، جاويد بليدي، رشيد راڄر، لياقت سھتو، ميان تاج محمد ڪيريو، نورالحق قريشي، انيس رحمان سميت ٻيا وڪيل وڏي انگ ۾ شريڪ ڪنوينشن ۾ عورت وڪيلن جي به وڏي انگ ۾ شرڪت ترميم نامنظور جا زوردار نعرا ھنيا ويا اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 27 ھين ترميم آئين تي راتاھو آھي، اسين ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين سنڌ جو ورھاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ترميم سان عدالتي نظام کي مفلوج بڻايو ويو آھي، ڪو به غيرتمند وڪيل ترميم قبول نه ڪندو راتو رات ترميمون آڻي ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رھي آھي، اسان سنڌ جي ماڻھن سان گڏ بيٺل آھيون، ٻٻرلوءِ وارو ڌرڻو وسري ويو آھي ڇا؟ ترميم واپس نه ورتي ته ھڪ ڀيرو ٻيھر روڊن تي ھونداسين ايندڙ ترميم نه رڳو آئين تي راتاھو آھي پر گڏوگڏ ملڪ خلاف وڏي سازش آھي، اسان ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جو ورھاڱو قبول نه ڪنداسين، وسيلن تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين، اسين اھڙي ترميم کي قبول نه ڪنداسين جيڪا عوام جي مفادن خلاف ھجي ھنن چيو ته ھن ترميم ذريعي عدالتن کي مڪمل مفلوج بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي مرضي جا جج آندا ويندا، جيڪي ڊڪٽيشن تي مقرر ٿيل ھوندا ھنن چيو ته ترميم جو مقصد خاص ڪري سنڌ کي وڌيڪ نقصان ڏيڻ آھي، اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ جو حصو گھٽايو ويندو آئيني عدالتون ٺاھي پنهنجي مرضي جا جج لڳايا ويندا مطلب ته سڄي عدالتي نظام کي کوکلو ڪيو ويندو، 26 ھين ترميم ۾ به اھڙي قسم جا فيصلا ٿيا وري اھي ٻيا ورجايا پيا وڃن، اسين ڪنهن به صورت ۾ ترميم کي قبول نه ڪنداسين ھنن چيو ته حڪمران پاڻ کي فائدو پھچائڻ لاء ھر ڀيري ترميمون آڻي رھيا آھن جيڪا آئين جي سڌي ڀڃڪڙي آھي اسين آئين جا محافظ آھيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ اھا ترميم منظور ٿيڻ نه ڏينداسين وڪيلن تڪراري ڪينالن کي ختم ڪرايو ھو اسان ھاڻي به جدوجھد جي ميدان تي ھونداسين ترميم ذريعي ٻڌايو وڃي ٿو ته اوھان جي ڪا به حيثيت ناھي حڪمران راتو رات ترميمون آڻي عدالتي نظام سميت صوبن جي خودمختياري ۽ ناڻي کي جڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ان موقعي تي آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪاميٽي جي سيڪريٽري ۽ ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ اعلان ڪيو ته 14 نومبر تي ترميمن خلاف قاسم آباد باءِ پاس تي ڪورٽ کان ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويندو، ان ڏينهن سمورين ڪورٽن ۾ عدالتي ڪارروائين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويندو.