سنڌ جو ھيرو ‘سچاروي’ به ستار العيوب ڏانھن سڌاريو … ارباب نيڪ محمد

                 خيرپور ناٿن شاهه جي ڀرسان موجود سچاري ڳوٺ ۾ ٻڍي خان جي گھر ۾ ھي ھيرو ھڪ سئو سال کن اڳ ھن فاني دنيا ۾ نموندار ٿيو، جنھن کي دنيا ڪپتان غلام حسين سچاروي جي نالي سان سڃاتي ٿي. ھن سنڌي، اردو، فارسي، عربي انگريزي، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ايتري ته جامع ۽ پختي شاعري ڪئي آهي، جنھن کي سندن فرزند داڪٽر طحہ حسين علي ۽ پروفيسر سعد جھڙا سيبتا ۽ والدين جا فرمانبردار پٽ `ڪليات سچاروي` جي نالي سان ڇپرائڻ ۽ ان املھ مواد کي پي ڊي ايف سميت جديد ٽيڪنالاجي جي ميدانن ۾ متعارف ڪرائين ته ھي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور، قاضي نذر الاسلام، حفيظ جالنڌري ۽ فيض احمد فيض سان ڪلھي گس ڪندي نظر ايندو. نيڪن فقير جي ساڻس عقيدت مندي اڌ صديءَ تي ٻڌل آهي.

نصف صدی کا قصہ ہے

دوچار برس کی بات نہیں

ڪپتان صاحب شيخ سعدي شيرازي جي ھن بيت جو ھوبھو عڪس ھو:

تمتع زھر گوشہ ئے یافتم

زخرمن خوشہ ئے  یافتم

ھن عربي ۽ فارسي ۾ مستند عالمن کان ديني مدرسن اندر محنت ڪري عبور حاصل ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سميت ايم ايل بي ۽ مولوي, مولوي علم ۽ مولوي فاضل جون ڊگريون امتيازی نمبرن سان ماڻيون. قسمت ھن کي ميرپور خاص کڻي آھي ۽ ھو ايس ايل ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. سندس عقد عبداللطيف گانڌي ايڊووڪيٽ ۽ محترمه لطيفان جي داناء دختر نيڪ اختر سان ٿيو. کيس ٻہ پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. سندس نياڻي سمن مير جي افسوسناڪ حادثي کانپوءِ سندس زندگي جا آخري ڏھ سال شيخ اياز جيان تصوف، روحانيت ۽ علمي تحقيق ڏانھن گامزن رھيا، جنھن ۾ ھن اٺن جلدن تي ڪلام الله شريف جو جامع تفسیر لکي سنڌ ۾ فن تفسير جي اندر پنھنجو نالو سونن روپن لفظن ۾  لکرائي ڇڏيو. خاص خوبي ھن تفسير جي اھا آھي ته منجھس سوين بيت مولانا رومي مولانا سعدي،  ڀٽ ڌڻي بادشاهه ۽ شاعر مشرق علامه اقبال جا ڪم آندا اٿس. اھڙو تجربو ھاڪاري عالم آغا يعقوب پنھنجي پنجن جلدن تي مشتمل انگريزي تفسير ۾ ڪامل دسترس سان اڄ کان پنجاهه سال اڳ ڪيو ھو. انھيءَ صف ۾ سنڌ جو سرتاج الشعراء حاجي احمد ملاح مرحوم `نور القرآن` جي نالي سان غيرمعمولي محنت ڪري سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ھو، جنھن کي حاجي الھجوڙئي ارباب ڇپرائي بنا مٺائيءَ جي مفت ۾ ورھايو ھو. ارباب صاحب جو ڀائيٽو ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم، سچاروي مرحوم جو تلميذ رشيد رھيو آھي.

1968 ڌاري پاڪ آرمي جي تعليمي شعبي ۾ ڪيپٽن جي رئنڪ تي سرفراز ٿيو ۽ سندس ڊيوٽي مشرقي پاڪستان ۾ لڳي. موصوف ايسٽرن ڪمانڊ جي ڪمانڊر انچيف ليفٽيننٽ جنرل صاحب زادہ يعقوب خان جو تقابل اديان ۾ اتاليق رھيو ۽ سترنھن ٻوليون ڄاڻيندڙ ھن جنرل کي سچاروي صاحب جي استادي ۽ صلاحڪاري تي فخر رھيو. پوءِ 90 ھزار جنگي قيدين سان گڏ سچاروي صاحب به مدراس ۽ ميسور جي جيلن ۾ اذيتون ڀوڳي شملي معاھدي کانپوءِ وطن واپس موٽيو. ھن جون ڊائريون ۽ آتم ڪهاڻيون گڏ ڪجن ته اھا معلومات جوش مليح آبادي جي جڳ پڌري ڪتاب `یادوں کی بارات ` کان به گوءِ کڻي وڃي. ھن جو خاص موضوع سھڻي سردار سان عشق ھو. معراج النبي، آداب رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم امام بوصيري جي `قصيدي بردي شريف` جھڙي منفرد عربي جي مولود شريف کي سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويء جھڙي ٽن سئو ڪتابن جي مصنف پاران جوڙيل عربي نعت شريف جو پڻ سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ سلوڻي ۽ عام فھم ٻوليءَ ۾ منظوم شڪل ۾  پلٽائڻ سميت سندس پندرهن کن ڪتاب قيامت تائين نبي سڳوري جي عاشقن لاءِ خوشگوار خوراڪ فراھم ڪندا رھندا. موصوف ميرپورخاص ۾ ڏھ سال اعزازي ميجسٽريٽ رھيو ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت دوران حفيظ پيرزادي جھڙي نامياري ليڊر ۽ وفاقي وزير تعليم جو ايڊيوڪيشنل ايڊوائيزر جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر اسرار احمد تڪبير جي ايڊيٽر مولانا صلاح الدين شھيد ۽ سنڌ جي سر موڙ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جھڙن ملڪ گير شھرت يافتہ اسڪالرن کي گھرائي تحقيقي موضوعن تي تقريرون ڪرائيندو هو. سگا جو ميرپورخاص ۾ فائونڊر صدر رهيو ۽ روشن تارا اسڪول کي پنھنجي خرچ سان ھلائيندو ھو. ميرپورخاص ۾ پبلڪ اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ موصوف ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد ھاشم ميمڻ جھڙي ديانتدار آفيسر سان ٻانھن ٻيلي رھيو. مير آچن مرحوم کان ويندي خانصاحب عبدالڪريم پلي تائين ۽ رئيس خير محمد خان ڀرڳڙي کان ويندي قاضي فيض الله ساند تائين سنڌ جي ھڏڏوکي زميندارن کان ٽي سئو ايڪڙ قيمتي زرعي زمين عطيي طور حاصل ڪيائون ۽ سنڌ جي جڳ پڌري اسڪالر ڊاڪٽر وڏل شاهه شھيد جي نگرانيءَ ۾ ڪيمسٽري اندر سنڌ يونيورسٽي مان پھرين ڊاڪٽريٽ حاصل ڪندڙ مشھور تعليمدان ڊاڪٽر شريف ميمڻ کي پي ڊي ۽ پرنسپال مقرر ڪرائي اسڪول جو نالو حيدرآباد ۽ سکر جي پراڻن پبلڪ اسڪولن واري معيار مطابق بيهارڻ ۾ ڪامراني ۽ ڪاميابي حاصل ڪرايائون. سندن فرزند ڊاڪٽر طحہ حسين علي وائيس چانسلر مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي به ھن اسڪول جو ھونھار طالب علم رھيو آھي، جنھن کي چار اکر پڙھائڻ جو شرف نيڪن فقير جي کاتي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. سچاروي صاحب توھان ته ھليا ويا پر توھان جو علمي ۽ سماجي پورھيو صدين تائين سنڌ جي علمي فضا کي معطر ڪندو رھندو.

دل پريم نگر ڏانھن تانگھي،

جٿان دي پينڊي سخت اڙانگي،

نان راھ فريد نان لانگھي،

ھئي پنڌ ٻھون مشڪل دا