سنڌ جي آبادگارن پاران ڪمند اگهه 425 رپيا مڻ رد، احتجاج جو اعلان

آگسٽ 17, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ايوان زراعت پاران 425 رپيا امدادي اگھه قبول ڪرڻ کان انڪار، اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

آبادگارن جي تنظيم ايوان زراعت ڪمند جي نئين مقرر ٿيل اگهه 425 رپيا في مڻ کي قبولڻ کان انڪار ڪندي انهي اگهه تي شگر ملن کي ڪمند نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته  ايوان زراعت پاران لائحه عمل جوڙڻ لاءِ هنگامي اجلاس به گھرائي ورتو آهي

جنهن ۾ آبادگارن جي ٻين تنظيمن کي به گھرايو ويو آهي، ان حوالي سان ايوان زراعت جي صدر ميران محمد شاھه “پنهنجي اخبار”سان ڳالهائيندي چيو ته لڳي ٿو ته ڪمند جو امدادي اگھه سرڪار نه پر پاسما مقر ڪيو آهي

هن چيو ته شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ سمورين تنظيمن 450 رپيا اگهه مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي، تڏهوڪي زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ به خاطري ڪرائي هئي ته آبادگارن جي مرضي موجب اگهه مقرر ڪيو ويندو

 پر اگهه وري پاسما وارو مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڊيزل، پيٽرول،ڀاڻ توڙي  ٻج جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، حڪومت کي آبادگارن تي به ترس ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته ڇنڇر واري اجلاس ۾ آبادگارن سان به صلاح مشورو ڪري لائحه عمل جوڙيو ويندو

Leave A Comment