سنڌ جا آبي ماڳ، جيڪي ڪنهن وقت سرد علائقن/سائبيريا کان ايندڙ مھمان پکين جا محفوظ پناھ گاھ سڏبا هئا، اڄ ماحولياتي تباهيءَ، گدلاڻ ۽ انتظامي بيحسي سبب پنهنجي بقاء جي جنگ وڙهي رهيا آهن. سياري جي موسم ۾ جيڪي ڍنڍون ۽ آبگاھون هزارين پکين جون ميزبان ھونديون ھيون، اهي هاڻي ويران نظر اچن ٿا. مھمان پکين جو تعداد هر سال گهٽجڻ سنڌ جي ماحول لاءِ هڪ سنگين خطري جي گھنٽي آهي، جنهن جو سبب صرف قدرتي تبديليون نه، پر انساني هٿن سان پيدا ڪيل بحران به آهن. توڙي جو وائلڊ لائيف کاتي جو ڪم آبي ۽ جھنگلي جيوت جو تحفظ آھي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سياري جي مند ايندي ھر سال جيان هن ڀيري به مھمان پکين جو قتل عام جاري آھي. ان حوالي سان ميڊيا تي پکين جي شڪار بابت خبرون رپورٽ ٿينديون رھن ٿيون ۽ ڪڏھن ڪڏھن معصوم پکين سان گڏ ماڻھو به شڪارين جي گولين جو بک بڻجي ويندا آھن. اھڙو ئي ڏکوئيندڙ واقعو ڪالھ ملا ڪاتيار ويجھو پڻ ٿيو آهي، جتي پکين جي با اثر شڪارين جي گولين ھڪ شخص جي حياتي پڻ کسي ورتي آهي.
سنڌ جي گهڻن آبي ماڳن تي زرعي زهرن، ڪيميڪلن، صنعتي گند ماحول کي زهريلو بڻائي ڇڏيو آهي. گدلاڻ پاڻيءَ کي غير محفوظ ئي ناهي بڻايو، پر پوري حياتياتي نظام جو توازن خراب ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ اهي پکي پنهنجا صدين پراڻا رستا بدلائي رهيا آهن، ۽ سنڌ جا آبي ماڳ پنهنجي قدرتي رونق وڃائي رهيا آهن. پر ماحولياتي تبديلي سنڌ ۾ پکين جي گهٽتائيءَ جو اڪيلو سبب ناهي. اصل ۽ سڀ کان خطرناڪ سبب غيرقانوني شڪار ۽ مھمان پکين جو نسل ڪشي جهڙو منظم ڏوهه آهي، جيڪو هتي رياستي ادارن جي اکين آڏو، بلڪه سندن سرپرستيءَ ۾ جاري آهي. هن عمل کي نسل ڪشي (genocide) سڏڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي. سنڌ جو وائلڊ لائيف کاتو، جنهن جو بنيادي ڪم جانورن ۽ پکين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي، اڄ انهن جي تباهيءَ ۾ هڪ سهولتڪار (facilitator) جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪيترائي شڪارين جا ٽولا کلي عام شڪار ڪن ٿا، بانسن، لڪڙن ۽ ڄار (وانجھار) وسيلي به پکين جو وڏي پئماني تي شڪار ۽ کلئي عام وڪرو جاري آهي. ان کان وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته مقامي انتظاميا ۽ پوليس هن نسل ڪشي جي کليل سرپرستي ڪري رهيا آهن. غيرقانوني شڪار صرف تڏهن ممڪن آهي، جڏهن پوليس خاموش هجي، انتظامي عملدار تعاون ڪن، ۽ بااثر ماڻهو شڪارين کي تحفظ فراهم ڪن. پوليس جو ڪردار خاص طور تي تشويشناڪ آهي، ڇو ته کين روڪڻ بدران سهولتڪاري ڪندي ڏٺو ويندو آهي. اسان سمجهون ٿا ته اهو رڳو پکين جي زندگي تي حملو ناهي، پر سنڌ جي مستقبل، ماحول ۽ معيشت تي حملو آهي. سرد علائقن کان ايندڙ پکي ماحولياتي نظام کي توازن ۾ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي آبي ماڳن جي رونق کي برقرار رکن ٿا، زهريلن جيتن کي گهٽ ڪن ٿا، ۽ حياتياتي گوناگونيت کي وڌائين ٿا.
ضرورت هن وقت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت مھمان پکين جي هن قتلِ عام کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي. وائلڊ لائيف کاتي جي مڪمل سڌاري، بدعنوان عملدارن خلاف ڪارروائي، پوليس ۽ انتظاميا لاءِ واضح جوابده نظام، ۽ آبي ماڳن جي بحالي لاءِ وڏي پيماني تي منصوبا جوڙيا وڃن. ساڳي وقت سول سوسائٽي، ماحولياتي تنظيمن، ميڊيا ۽ سماجي شعور رکندڙ شهرين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن سماج خاموش رهيو ته ايندڙ نسل نه ڪو مھمان پکي ڏسي سگھندا، اهي انهن خوبصورت پکين جي نالن کان به واقف نه هوندا. سنڌ جا آبي ماڳ ويران ٿي ويندا. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته مهمان پکين جي ان قتل عام کي سنڌ حڪومت جا اعليٰ منتظمين انتهائي “عفو ۽ درگذر” جو مظاهرو ڪندي ڏسندا رهيا آهن ۽ اهي وائلڊ لائيف کاتي جي نا اهليءَ جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ ان بيحسيءَ جي مظاهري ذريعي اهي مهمان پکين جي قتل عام ۾ پنهنجو حصو ملائي رهيا آهن.