سنڌ جي احتجاج باوجود پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ٿئي، کوٽ سڀني صوبن ۾ ورهائي وڃي: ڄام خان شورو

مَي 12, 2025

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ سکر ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جي منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيل سان جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو، پي ڊي ايس بي آءِ پي، چيف انجنيئرز، پي ايم او ۽ پي آءِ سي جي نمائندن، ٺيڪيدارن ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صوبائي وزير کي آفيسرن پاران هلندڙ ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، صوبائي وزير سيڪريٽري ايريگيشن سميت چيني انجنيئرز ۽ لاڳاپيل عملدارن سان گڏ سکر بئراج جي گيٽن جي تبديلي واري ڪم توڙي دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن جي ڊي سلٽنگ واري ڪم جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي منصوبو سنڌ جي زرعي معيشت لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي، سکر بئراج معيشت ۾ ريڙهه جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي، ھن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان آبپاشيءَ جو نظام وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته گذريل سال 20 جون تي سکر بئراج جا گيٽ متاثر ٿيا هئا، پوري قوم پريشان هئي، سنڌ حڪومت، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ چيني ڪمپنيءَ سان گڏ رڪارڊ ٽائيم اندر متاثر گيٽ تبديل ڪرڻ سان گڏ سکر بئراج کي به فنڪشنل رکيو، ڄام خان شورو چيو ته پهرين فيز ۾ سکر بئراج جا 16 گيٽ تبديل ڪيا پيا وڃن، جنهن مان 14 گيٽ تبديل ٿي چڪا آهن، مقرر ٽائيم جون مهيني اندر 16 گيٽن جي تبديليءَ وارو ڪم  مڪمل ڪيو ويندو، سکر بئراج جي گيٽن جي تبديلي وارو پروجيڪٽ ٽن سالن جو آهي، هن چيو ته هاڻي سکر بئراج ماڊرن ٽيڪنالاجي تحت گيٽن جو 80 ٽن وزن گهٽ ڪيو ويو آهي، ڪم مڪمل ٿيڻ بعد مجموعي طور تي 34 کان 35 سئو ٽن سکر بئراج تان وزن گهٽجي ويندو ۽ مشين آپريٽيڊ گيٽ لڳي ويندا.، سکر بئراج جي نئين گيٽن جي معيار متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته نئين لڳل گيٽ جي 30 ورهين جي زندگي آهي، هن دعويٰ ڪندي چيو ته تعمير جي شاهڪار سکر بئراج جي اسٽريڪچر هڪ 100 سال مڪمل ٿي ويا آهن، پر اسٽريڪچر کي ڪو به وڏو نقصان ناهي پهتو، ڪو وڏو ڊزاسٽر نه اچي ته اسٽريڪچر کي ڪو به نقصان ناهي، هن چيو ته 66 گيٽ آهن، جن مان 10 کي ته 1930 يا 1932 ۾ ئي بند ڪيو ويو هو، باقي 42 گيٽن جي مرمت وارو ڪم ڪيو ويندو، جنهن جي اسٽريڪچر کي چيڪ ڪيو ويندو، جن 16 گيٽن جو ڪم هلي رهيو آهي، اُنهن کي ڪو به وڏو نقصان ناهي پهتو، هن چيو ته سکر بئراج جي اسڪٽريڪچر کي جِتي به ٿورو ڪو نقص آهي اُن جي به مرمت ڪئي پئي وڃي، انجنيئرز لاءِ سيڪيورٽي جا مسئلا ٿيا پر سيڪيورٽي لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سکر واسين جي تعاون سان ڪم ڪيو پيو وڃي، گڊو بئراج متعلق صوبائي وزير چيو ته گڊو بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالز جا گيٽ ڏنل وقت اندر مڪمل ڪيا ويندا، ڪئنالن جا 25 گيٽ تبديل ٿي ويا آهن، 5 ٻيا گيٽ به تبديل ٿيڻا آهن، هن سال 30 گيٽ تبديل ڪيا ويندا، صوبائي وزير چيو ته ايڊوائزري جي ميٽنگ ۾ ايريگيشن سيڪريٽري به ويو هو، جنهن ۾ واضع موقف اختيار ڪرڻ سان گڏ لکت ۾ به اعتراض ڪيو آهي ته واٽر اڪارڊ تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، پاڻيءَ ٺاهه تي عمل ڪيو وڃي، جيڪڏهن پاڻي کوٽ آهي، صوبن ۾ پاڻي ورڇ واري فارمولي تي عمل ڪري پاڻي کوٽ وارو مسئلو حل ڪيو وڃي، اِن متعلق سي سي آءِ ۾ اسان جو ڪيس هلندڙ آهي، ڪئنالن واري ڪيس جيان هن ڪيس ۾ به ڪاميابي ملندي، ارسا جي ميمبر توڙي سيڪريٽري ايريگيشن به پاڻي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ تي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو، صوبائي وزير چيو ته سکر بئراج جي رائيٽ بينڪ مان نڪرندڙ ڪئنالن جي اسٽيڊي جاري آهي، سيڪريٽري ايريگيشن ۽ ماهر ڪم ڪري رهيا آهن، 100 سالن ۾ ڪئنالن وارو مسئلو جيڪو حل ناهي ٿيو اُن تي به ڪم ڪيو ويندو، کيرٿر سبب بلوچستان سميت ٻين علائقن کي جيڪو پاڻي کوٽ وارو مسئلو آهي اُن جي حل لاءِ به ڪوششون وٺي رهيا آهيون، دنيا ۾ پهريون ڀيرو هلندڙ درياءَ ۾ ڪافر ڊيم لڳايو ويو، گيٽ به تبديل ڪيو ويو، اُن وقت دنيا چئي پئي ته بئراج ٽٽي ويندو، ايس او پي ته اِها هئي ته تربيلا وٽان پاڻي بند ڪيو وڃي ها، پوءِ ڪافر ڊيم لڳائڻ بعد پاڻي ڇڏيو وڃي، ان سموري مرحلي ۾ مهينا لڳي وڃن ها.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار