سنڌ جي اسپتالن ۾ عملو، دوائون ۽ ايمبولينسون غائب آهن : وزيراعليٰ پاران اڇو چٺو جاري

نومبر 9, 2023

ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي اختيارين کي ھدايت ڪئي آھي ته ملازمن جي حاضري يقيني بڻائي  ليباريٽرين ۽ آپريشن ٿيٽرز کي فعال بڻايو وڃي

ڪالھ صحت کاتي بابت  ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ھن چيو ته مون ڪراچي کان سيوهڻ ۽  سکر تائين جي سرڪاري اسپتالن جي دوري دوران مڪمل ڳڙٻڙ ۽ ڪيترائي مسئلا ڏٺا، جتي ايمرجنسي وارڊن ۾ مرد ۽ عورت مريضن کي ساڳين وارڊن ۾ رکيو ويو، جڏهن حاضري رجسٽر چيڪ ڪيا ويا ته گهڻي ڀاڱي اسٽاف غيرحاضر هو، مريض اسپتالن ٻاهران قائم خانگي اسٽورن تان دوائون خريد ڪري رهيا هئا

 هن چيو ته صوبائي حڪومت 24-2023ع لاءِ صحت کاتي لاءِ 234.29 ارب رپين جي وڏي رقم رکي آهي جنهن ۾ 53.17 ارب رپيا آپريشنل خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. سوال اهو  آهي ته ڇا اسين اھا بجيٽ عوام جي مفاد ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون؟ ھن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايمبولينسون ڪم نه ڪري رهيون آهن، آپريشن ٿيٽرن غير فعال آهن مريضن کي دوائون نه ڏنيون پيون وڃن

ايتريقدر جو مريضن جي اسپتالن ۾ سرڪاري خرچ تي ٽيسٽ ڪرائڻ بدران پرائيويٽ ليبارٽرين ڏانهن اماڻيو پيو وڃي. وڏي وزير ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي جي واضح هدايتن باوجود هيلٿ آفيسر اسپتالن جو معائنو نه ڪري رهيا آهن

هن سيڪريٽري صحت کي چيو ته توهان وٽ ڊي جي هيلٿ، ڊائريڪٽرز، ڊي ايڇ اوز ۽ ايستائين جو ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن آهي پر اڃا تائين هڪ به اسپتال جو معائنو نه ڪرائي سگهيا آهيو. هن صحت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته انسپيڪشن سسٽم کي بهتر ڪري مونکي رپورٽ ڪريو.

سي ايم چاهي ته من پسند وزير صحت آڻي سگهي ٿو: سعدنياز

ڪراچي : صحت واري وزير ڊاڪٽر سعدنياز چيو آهي ته وڏو وزير رڳو صحت کاتي تي سوال ڇو اٿاري رهيو آهي، جيڪڏهن سي ايم چاهي ته پنهنجو من پسند وزير صحت آڻي سگهي ٿو، هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان وٽ فنڊن ۽ اسٽاف جي کوٽ آهي، اسان کي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ تي روڪيو ويندو آهي، اسان کي پهريان ئي سهولتون ڏيو، ان کانپوءِ پڇاڻو ڪريو،

وزير صحت وزيراعليٰ پاران سڏايل اجلاس مان غائب: اسان آگاهي ڏني هئي: ترجمان

ڪراچي : وزيراعليٰ پاران صحت کاتي بابت سڏايل اجلاس ۾ صحت وارو وزير ڊاڪٽر سعد نياز شريڪ نه ٿيو، ان ڏس ۾ وزيراعليٰ جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر سعد نياز کي اجلاس بابت آگاهي ڏني وئي هئي،

Leave A Comment