سنڌ جي اسڪولن لاءِ پوڻا 2 ارب جي فرنيچر خريداري ۾ غبن : جاچ جو حڪم: ڪاميٽي قائم

ڊسمبر 20, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ سال 2020 کان 2022ع دوران هڪ ارب  84 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي فرنيچر جي خريداري ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف، تعليم واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 5 رُڪني جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ  تعليم کاتي ۾ سال 2020ع کان 2022ع تائين 3 سالن دوران پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن  لاءِ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو فرنيچر خريد ڪرڻ واري عمل ۾ بي ضابطگين جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي

سنڌ حڪومت فرنيچر جي خريداري واري عمل ۾ ٿيل بي ضابطگين جي جاچ لاءِ  تعليم کاتي جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 5رُڪني اعليٰ سطحي انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪاميٽي ۾ اڪائونٽنٽ جنرل ( اي جي سنڌ) جي نمائندي، ناڻي کاتي جي 19هين گريڊ جي آفيسر، تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر انسپيڪشن ۽ تعليم کاتي جي سيڪشن آفيسر (بجيٽ ۽ فنانس) کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي

ذريعن  موجب  تعليم کاتي پاران 3 سالن جي عرصي دوران سنڌ جي پرائمري اسڪولن لاءِ هڪ ارب 26 ڪروڙ 41 لک 78 هزار ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ 58 ڪروڙ 36 لک 76 هزار رپين جي ماليت جو فرنيچر خريد ڪيو ويو هو، ذريعن موجب ته فرنيچر جي خريداري واري عمل ۾ سيپرا رولز سميت خريداري واري ٻين قاعدن ۽  ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، اهڙو اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران صوبائي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فرنيچر خريداري واري معاملي ۾ سموري پاسن کان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي

Leave A Comment