سنڌ جي اسڪولن ۾ واش روم ۽ ٻارن وٽ ڪتاب نه هجڻ شرمناڪ آهي: نگران وڏو وزير

نومبر 14, 2023

نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ واش روم ۽ ٻارن وٽ ڪتاب نه هجڻ شرمناڪ آهي، صوبي جي اسڪولن جي حالت ڏاڍي خراب آهي

ملير ۾ تعليم بابت تقريب کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وڌيڪ چيو ته بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن ڏينهن پنهنجن فيصلن تي عمل نه ڪرائي سگهيس توهان کي نظر نه ايندس

نگران وڏي وزير ملير جي علائقي قذافي ٽائون پهچي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي گودام جو دورو به ڪيو

نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته هڪ پاسي مان استادن کي تعليمي ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ زور ڀري رهيو هيس، ٻئي پاسي شاگردن وٽ پڙهڻ لاءِ ڪتاب ئي نه هئا، ان تضاد مون کي بي چين ڪري ڇڏيو

هن چيو ته اسان جا اسڪول ٻارن کي سائنس، ادب ۽ رياضي پڙهائڻ جي طريقن سان ليس نه آهن، شرمندگي جي ڳالهه آهي ته اسان پنهنجن ٻارن تائين وقت سر نصابي ڪتاب نه پهچائي سگهياسين

نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته ڪتابن جي ڇپائي کان ويندي تدريسي طريقن تائين سمورو تعليمي نظام تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف