سنڌ جي اعتراضن تي تڪراري گريٽر ٿل ۽ چوباره ڪئنال منصوبن جي منظوري ملتوي

مَي 31, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي اعتراضن تي گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ چوباره ڪئنالن جي منصوبن جي منظوري ملتوي ڪئي وئي آهي، ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو

سنڌ جي ميمبر سينيٽر نثار کهڙو  وڊيو لنڪ وسيلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ تڪراري منصوبن تي وفاق سامهون سنڌ جا خدشا پيش ڪيا

نثار کهڙو چيو ته اهڙن مصنوبن سان صوبن جي وچ ۾ وڌيڪ نفرتون وڌنديون، ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبو چشما جھلم لنڪ ڪئنال کي مستقل کولڻ جو قدم آهي

هن چيو ته سنڌ انهن تڪراري منصوبن جي خلاف سي سي آءِ ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪيو آهي

رٿابندي واري وزير احسن اقبال چيو ته جيستائين صوبن ۾ پاڻي معاملي تي اتفاق نٿو ٿئي تيستائين ايڪنڪ ڪو فيصلو نه ڪندي

سنڌ جي اعتراضن تي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته  جيستائين پاڻي معاملي تي صوبن ۾ سي سي آءِ ۾ فيصلو نٿو ٿئي تيستائين انهن منصوبن کي ملتوي ٿا ڪريون

Leave A Comment