پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اقتدار تي قابض ٽولي جون نظرون پھرين ڏينهن کان وٺي سنڌ جي بندرگاھ، ٻيٽن، ڪراچي، سامونڊي علائقي، سنڌ جي شھرن، زمينن ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي قبضو ڪرڻ تي رھيون آھن، جنھن تي گذريل 79 سالن کان وٺي ڊگھي رٿابندي$ سان قسطن ۾ مرحليوار عمل ڪندا سڄي سنڌ جا وسيلا ڳڙڪائيندا اچن. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي شروعات پاڪستان ٺھڻ شرط يو پي، سي پي ۽ ھندستان جي ٻين صوبن/ علائقن مان لکن جي تعداد ۾ ماڻھو گھرائي سنڌ جي شھرن ۾ آباد ڪرڻ سان ڪئي وئي ته جيئن سنڌي قوم پنھنجي ئي وطن ۾ اڪثريت مان بدلائي اقليت ۾ ڪيو وڃي، ان لا# سنڌي ھندن کي زبردستي لڏ پلاڻ ڪرائي جائيدادن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا. ڪراچي کي زبردستي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق طرفان قبضو ڪرڻ، ڪراچي ۾ سنڌي اسڪول بند ڪري سنڌي ٻولي جو خاتمو ڪرڻ، يو پي ۽ سي پي مان ايندڙ پناھگيرن لاءِ زمينون ۽ ٻيون جائيدادون محفوظ ڪرڻ لاءِ وزير اعظم لياقت علي خان پاران اھا شق آڻڻ ته، “10 ھزار کان وڌيڪ جنھن به جائيداد جي قيمت ھوندي، اھا مقامي سنڌي ماڻھو خريد ڪري ڪونه سگھندا.” سون تي سھاڳو اھو ته جيڪڏھن آيل پناھگير صرف ٻه شاھد پيش ڪندا ته ھندستان ۾ منھنجي ھيتري ملڪيت ھئي ته اوتري ملڪيت ان کي ڏيڻ لاءِ حڪومت پابند ھوندي. قدرت اللہ شھاب، ڪتاب “شھاب نامه” ۾ لکيو آھي ته، “جيترو وڏو ماڻھو ھوندو ھو، ايترو ئي وڏو ڪِليم ڪندو ھو. ڪِليمن ۾ وڏو ڪوڙ، مڪر ۽ فريب شامل ھو. ھڪڙي صاحب پنھنجي درخواست ۾ لکيو ته ھو جيڪا جائيداد ھندستان ۾ ڇڏي آيو آھي، ان ۾ لال قلعو به شامل آھي، ان ڪري ان جي قيمت ۽ تاريخي عظمت جي مطابق معاوضو ڏنو وڃي. ان جي دعوا ھئي ته ان جو شجرو آخري مغل بادشاھ بھادر شاھ ظفر سان ملي ٿو”. جنرل ايوب پنهنجي ڪتاب “جس رزق سے آتی ہو پرواز میں کوتاہی” اردو ڇاپي ۾ لکي ٿو، “جيڪڏھن ڪوبه شخص ٻه گواھ ڏي ۽ اھي گواھي ڏين ته ھي شخص اڌ ھندستان جو مالڪ ھو ته پاڪستان جي حڪومت کي اھا ڳالھ مڃڻي پوندي.” مطلب ته ھتي اڌ پاڪستان جو ڏيڻو پوندو. وڌيڪ لکي ٿو ته، “ان فارمولي بي ايماني ۽ فريب جا دروازا کولي ڇڏيا. مخلتف طريقن سان طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي سنڌ جي شھرن، زمينن، وسيلن، نوڪرين ۽ سنڌو درياءَ تي قبضي ڪرڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو ھو، اھو ھاڻ وڃي اتي پھتو آھي ته ڪراچي کي وري وفاق حوالي ڪريو، سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ وحدت ختم ڪري سنڌ کي ٽن ٽُڪرن ۾ ورھائي ھندستان مان آيل پناهگيرن کي الڳ صوبو ٺاھي ڏيو. اھا سٺي ڳالھ ٿي آھي ته ايم ڪيو ايم کان سواءِ باقي ڪيترن ئي نامور اردو ڳالھائيندڙ صحافين، اديبن، دانشورن، وڪيلن سنڌ کي ورھائڻ ۽ ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آھي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي حيثيت، وجود، بقا، معدني وسيلن، زمينن، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي ھڻڻ لاءِ ڪينالن ۽ ڊيمن جا نوان پروجيڪٽ شروع ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙي ٽُڪر ٽُڪر ڪري سنڌي قوم جي گڏيل اجتماعي قومي ٻڌيءَ تي وار ڪرڻ لاءِ گھڻ طرفي سازش ۽ منصوبا بندي ڪئي وئي آھي. ھن سڄي قومي ڏوھ ۾ سنڌ جو سنڌي حڪمران طبقو اقتدار خاطر سنڌ جي ويرين جو ساٿاري ۽ سھولتڪار بڻيل آھي. پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مھملي جي رٿ آڻي سنڌ کي ورھائجي يا نه؟ تي بحث ڪرائي ايم ڪيو ايم کي موقعو فراھم ڪري ڏنو آھي ته اھي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي ورھاست بابت زھر اوڳاڇين. پيپلزپارٽي اھو موقعو ڏئي ايندڙ مستقبل لاءِ سنڌ دشمنن جو رستو ھموار ڪري ڇڏيو آھي. تاريخي طور تي به پيپلزپارٽي جو ڪردار وفاق ۽ پنجاب صوبي کي راضي رکڻ وارو رھيو آھي. پيپلزپارٽي جو ھاڻوڪو 19 سالن وارو دور ته مڪمل سنڌ خلاف رھيو آھي. جھڙوڪ، بوگس ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ماتر مخالفت ڪري وري سي سي آئي جي اجلاس ۾ وڃي ڪوڙن انگن اکرن تي صحي ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، ٻٽو نظام مڙھڻ، چولستان ڪينال سميت ٻين ڪينالن ڪڍڻ وقت اھو چوڻ ته ڪينال ڪٿي پيا ٺھن، عوامي جدوجھد جي دٻاءَ کان پوءِ نالي ماتر مخالفت ڪرڻ، جلالپور ڪينال ڪڍڻ تي خاموش رھڻ، ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي چٽي ۽ واضح ڏنل فيصلي کان پوءِ به لکين افغانين ۽ غير ملڪين کي سنڌ مان نيڪالي نه ڏيڻ، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون مقامي بي زمين سنڌين کي ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي ڪرڻ، وغيره وغيره!
ھن عمل ۾ پيپلزپارٽي ته علي الاعلان شريڪ آھي، پر سوال اھو به آھي ته جيڪي ھام ٿا ھڻڻ ته پيپلزپارٽي جا متبادل اسين آھيون، اسان کي عوام ووٽ ڏئي، اھي سڀ حزب اختلاف ۾ ويٺل مير، پير، سيد، گادي نشين، جاگيردار، وڏيرا، قبيلائي سردار پاڻ کي اڄ جا نوان ڏھيسر ۽ دودا سڏائيندڙ به خاموش رھي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ دشمنن جو ساٿ ڏئي رھيا آھن. تازو فنڪشنل ليگ جنھن جي پيراڻي گاديءَ جا لکين مريد آھن، ان ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان ڪيو پر اجازت نه ملڻ جو بھانو بڻائي جلسو ڪونه ڪيو ويو، ٻئي پاسي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان ڪيل جلسن تي رياستي تشدد ڪيو ويو، رستا روڪ ڪري گرفتاريون ڪيون ويون ان جي باوجود جلسا ۽ ريليون ڪڍيون ويون. اسان کي اھا ڳالھ سمجھڻ کپي ته سنڌ جي وجود، قومي بقا ۽ وسيلن کي بچائڻ واري جدوجھد تڪڙي فيصل ڪانه ٿيندي، ان ڪري سنڌ جي گھڻگھرن کي به ڊگھي رٿابندي ڪري مستقل مزاجي سان مسلسل ۽ گھڻ طرفي جدوجھد ڪرڻي پوندي. ان جدوجھد ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، وڪيلن، فنڪارن، آرٽسٽن، صحافين، شاعرن، ھارين، آبادگارن، واپارين، نوجوانن، عورتن کي به شامل ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. اھم ڳالھ اھا آھي ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ٻھراڙين ۾ رھن ٿا، انھن تائين پھچي انھن کي ڪيئن ھلندڙ جدوجھد ۾ شامل ڪجي جو جيڪڏھن خدانخواسته اڳتي ھلي سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جو اعلان ٿئي ٿو ته سڄي سنڌ ٻٻرلوءِ وانگر بند ٿي وڃي، روڊ، رستا، شھر سڀ بند ٿي وڃن، ان ڪري عوام کي شامل ڪرڻ لاءِ به سياسي ڌرين کي حڪمت عملي جوڙڻ کپي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ريليون ڪڍڻ سان گڏ لکين پمفليٽ ڇپائي سنڌ جي ڳوٺن، شھرن، روڊن، رستن، بازارين، دڪانن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ورھائي سنڌي عوام کي آگاھي ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي. وڏي ڳالھ اھا آھي ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا مرڪزي عھديدار به ڪارڪنن سان گڏ روڊن، رستن ۽ بازارن ۾ گڏجي ڪم ڪن پيا، ٻين پارٽين جي اڳواڻن کي به عوام ۾ ائين وڃڻ کپي. آخري ڳالھ ته ڪامريڊ مائوزيتنگ جي ھن سونھري قول کي سمجھي ان تي عمل ڪرڻ کپي، “دوست وڌايو، دشمن گھٽايو”. اھا وڏي سياسي حڪمت عملي آھي، جيڪا سيني سان سانڍي اڳتي وڌجي ته جيئن سنڌ سميت پاڪستان ۾ شامل ٻين صوبن جي ترقي پسند، جمھوريت دوست ۽ عوام کي پنھنجي موقف جو ھمدرد ۽ حمايتي بڻائي سگھجي. سنڌ جي گھڻگھرن ۽ اڳواڻن کي جلسن، جلوسن، ريلين ۽ پروگرامن ۾ ٻين مظلوم طبقن ۽ عوام خلاف نفرت ڏياريندڙ تقريرون ۽ ڳالھيون ڪرڻ کان پرھيز ڪرڻ کپي.