سنڌ جي اوقاف کاتي ۾ خانگي ڪمپيوٽر آپريٽرن جو راڄ: مسجدن ۽ درگاهن جي مرمت ۽ بحالي فنڊ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن: جاچ شروع

جُولاءِ 9, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي اوقاف کاتي ۾ ترقياتي فنڊن ۾ مبينا غبن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، اها جاچ ڊائريڪٽوريٽ آف اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ ڪراچي پاران شروع ٿي آهي ۽ ان مقصد خاطر چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ حيدرآباد کي خط لکي آفيسرن ۽ عملي کي رڪارڊ مهيا ڪرڻ ۽ پنهنجا بيان قلمبند ڪرائڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف کي اينٽي ڪرپشن کاتي جي انسپيڪٽر زاهد حسين ميراڻي هڪ خط لکي چيو آهي ته اعليٰ اختيارين جي منظوري سان اوقاف کاتي ۾ ٽن سالن دوران جاري ٿيل ترقياتي فنڊن جي جاچ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اي ڊي پي ۽ نان اي ڊي پي اسڪيمن سميت ايم اينڊ آر جي اسڪيمن ۾ خرچ ٿيل رقم به شامل آهي

 خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها جاچ 21-2020ع، 22-2021ع ۽ 23-2022ع دوران جاري ٿيل ترقياتي فنڊن ۾ مبينا غبن جي شڪايتن تحت شروع ڪئي وئي آهي

 اينٽي ڪرپشن پاران اهڙي خط کانپوءِ اوقاف کاتي جي آفيسرن ۽ عملي ۾ ٿرٿلو متل آهي، چيو پيو وڃي ته عملي ۽ آفيسرن کي 5 جولاءِ 2023ع تي رڪارڊ سميت بيانن لاءِ طلب ڪيو ويو هو پر رڳو هڪ ٻه آفيسر ئي اينٽي ڪرپشن جي انسپيڪٽر آڏو پيش ٿي سگهيا جن به اڃا تائين رڪارڊ حوالي نه ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوقاف کاتي جي اي ڊي پي اسڪيمن جي بجيٽ 23-2022ع دوران وڌائي 80 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي هئي ۽ ان رقم مان سنڌ جي مختلف درگاهن، مسجدن ۽ اوقاف کاتي جي ٻين عمارتن جي مرمت ۽ بحالي جا ڪم ٿيڻا هئا جن ۾ مبينا طور ڪرپشن جون شڪايتون سامهون آيون جنهن کانپوءِ اينٽي ڪرپشن کاتي اعليٰ اختيارين جي هدايتن تحت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

 اوقاف کاتي جي ذريعن دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي ته کاتي جي ترقياتي ڪمن واري شعبي ۾ خانگي ڪمپيوٽر آپريٽرن جو راڄ آهي ۽ اهي مبينا طور ٺيڪيدارن سان ڏيتي ليتي ڪن ٿا جڏهن ته سرڪاري طور ڀرتي ٿيل اڪثر ملازمن کي پاسيرو رکيو ويو آهي

ٻئي طرف اوقاف کاتي سنڌ حيدرآباد جي ترقياتي ڪمن واري شعبي جي انجنيئر محمد علي پانڌياڻي رابطو ڪرڻ تي ابتدائي طور جاچ شروع ٿيڻ واري معاملي کان لاعلمي ظاهر ڪئي ۽ بعد ۾ چيو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، اينٽي ڪرپشن کاتو وقت به وقت اهڙيون رپورٽون طلب ڪندو رهندو آهي

Leave A Comment