سنڌ جي ايم پي ايز جو پگهار وڌائڻ جو مطالبو، اوهان اڃا پگهارون ڏيو: اسپيڪر

جُون 17, 2023

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جون پگهارون وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جنهن تي اسپيڪر چيو ته توهان اڃا پگهارون ڏيو

سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نندڪمار چيو ته ملازمن جون پگهارون ته وڌيون آهن پر اسان ايم پي ايز ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ وڏي وزير کي گذارش آهي ته اسان ايم پي ايز جون پگهارون به ڊبل ڪيون وڃن

جنهن تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته توهان کي پگهار جي ڪهڙي ضرورت آهي توهان ته اڃان پگهارون ڏيو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض