سنڌ  جي اي-گورننس نظام لاءِ ڪلائوڊ قائم ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪلائوڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪو ڪلڪ پروجيڪٽ تحت ورلڊ بينڪ جي مالي مدد سان هلندو، اهو ايس بوس اي لائسنسنگ پورٽل  ۽ مستقبل جي سرڪاري ايپليڪيشنز جي ميزباني ڪندو. اهوڪلائوڊ سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي پاران ھلايو ويندو، پاڪستان ۾ حڪومت جي مالڪي وارو پهريون ڪلائوڊ سنڌ  جي اي-گورننس نظام لاءِ بنيادي پليٽ فارم ٺاهيندو.
 

غلام مصطفيٰ ڦل سول سرونٽس هائوسنگ فائونڊيشن جو چيئرمين مقرر
 ڪراچي: سنڌ ڪابينا غلام مصطفيٰ ڦل سول سرونٽس هائوسنگ فائونڊيشن جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي،
 

ڪراچي فشرز هاربر اٿارٽي جي نئين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اعلان
 ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي فشرز هاربر اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر ترتيب جي منظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو   ويو ته موجوده بورڊ جو مدو آگسٽ 2025 ۾ ختم ٿي ويو هو،. بورڊ جو چيئرمين لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز وارو وزير ھوندو،  جڏهن ته صوبائي سيڪريٽري،   وفاقي ۽ صوبائي  فشريز ادارن جا سربراهه، ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي،  فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۽ پاڪستان فشرز ايڪسپورٽرز جا نامزد ميمبر شامل ڪيا ويندا
 

سنڌ ڪابينا جو اجلاس 15 ڏينهن گهرائڻ جو فيصلو
 ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا جو اجلاس هاڻي هر 15 ڏينهن بعد گهرايو ويندو، ايندڙ اجلاس 2 ڊسمبر تي ٿيندو، سمورا کاتا پنهنجا ايجنڊا ايٽمز ڪابينا اجلاس کان اڳ منظوري لاءِ اماڻيندا
 

سپريم ڪورٽ  جو رڪارڊ اسلام آباد  هاءِ  ڪورٽ منتقل ڪرڻ جي منظوري
 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قائم ڪيل نئين رڪارڊ روم جو دورو ڪيو، پڌرائي موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي عدالتي رڪارڊ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته محفوظ، منظم ۽ مؤثر رڪارڊ آرڪائيونگ جديد عدالتي گهرجن مطابق نهايت ضروري آهي. هن رڪارڊ جي تحفظ لاءِ جديد طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، چيف جسٽس امين الدين خان هدايت ڪئي ته نئين درخواستن، تصديق ٿيل نقول ۽ معلومات جي فراهمي لاءِ مخصوص ڊيسڪ کي فوري طور فعال ڪيو وڃي،  دوري جي موقعي تي بار عهديدارن چيف جسٽس کي گلن جو گلدستو پڻ پيش ڪيو.