سنڌ جي بجيٽ 13 جون تي پيش ٿيندي، پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جو امڪان
مَي 31, 2025
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي صوبائي بجيٽ 13 جون تي پيش ڪرڻ جي تجويز ڏيندي ناڻي کاتي سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، ذريعن موجب نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آھي، ناڻي کاتي جي اماڻيل سمري وڏي وزير جي منظوري بعد بجيٽ بابت حتمي تاريخ طئي ڪئي ويندي ذريعن جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪري رهي آهي، پر ان حوالي سان وفاقي حڪومت جي فيصلن جو انتظار ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاليسين ۾ هم آهنگي برقرار رهي، سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز غور ھيٺ آهي، جڏهن ته پينشن ۾ پڻ وڌ کان وڌ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن مهانگائي جو بار گهٽجي سگهي، ذريعن جو چوڻ آھي ته مجموعي صوبائي خرچن ۾ پگهارن ۽ پينشن جو حصو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندو.