سنڌ جي تاريخي ماڳن جي پراجيڪٽن ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن: روشن ڪناسرو گهر ڀيڙو   

سنڌ جي تاريخي ماڳن جي پراجيڪٽن ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن: روشن ڪناسرو گهر ڀيڙو   

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ، موھن جو دڙو، مڪلي ۽ ڀنڀور سميت سنڌ جي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ ۽ هيريٽيج انسٽيٽيوٽ جي قيام وارن منصوبن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتي جي سينيئر آفيسر روشن ڪناسرو کي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ اينڊ امپليمينٽيشن سيل جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت اهڙو حڪم ناڻي کاتي جي سيڪريٽري  فياض جتوئي جي سربراهي ۾ ٺهيل انڪوائري ڪاميٽي پاران انڪوائري ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ منصوبن  جو رڪارڊ گم ۽ فراهم نه ڪرڻ وارين شڪايت تي ڏنو. ناڻي کاتي جي انڪوائري ڪاميٽي  عدالت کي گذارش ڪئي ته روشن ڪناسرو کي  ترقياتي منصوبن ۾ ٿيل مالي بي ضابطگين بابت هلندڙ جاچ تي اثرانداز ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ناڻي کاتي جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم انڪوائري ڪاميٽي 2018ع جي مختلف ترقياتي منصوبن جو حوالو ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته روشن ڪناسرو انهن سڀني منصوبن جو حصو رهيو آهي، تنهنڪري کيس موجوده عهدي تان هٽايو وڃي ته جيئن هو دستاويزن ۽ رڪارڊ ۾ ھير ڦير نه ڪري سگهي. انڪوائري ڪاميٽي جن منصوبن ۾ مالي بي ضابطگين جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾ موهن جو دڙو، مڪلي ۽ ڀنڀور جي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ، سنڌ جي مختلف آثار قديمه وارن هنڌن جو تحفظ ۽ ڪلچر هيريٽيج انسٽيٽيوٽ جي قيام جا منصوبا شامل آهن.