| سنڌ جي تعليم ۾ بھتري جي گنجائش آھي، صحت ۾ مقابلو ٻئي صوبي نه دنيا سان آهي،: بلاول |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ صوبي ۾ صرف هڪ ئي سنڌ يونيورسٽي هئي، 1947ع کان 2008ع تائين سنڌ صوبي ۾ 16 يونيورسٽيون هيون، اسان سنڌ صوبي ۾ مجموعي طور 30 يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن، وفاقي حڪومت 2007، 2008 کان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي فنڊنگ بند ڪئي، مان فخر سان چئي سگهان ٿو ته 2008ع کان سنڌ صوبي ۾ سنڌ حڪومت ايڇ اي سي جو بار کڻي انهن يونيورسٽين کي ڪور ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش ۽ دعويٰ آهي ته 2008ع کان هن وقت تائين يونيورسٽين جي تعداد کي ٻيڻو ڪري 30 تائين پهتا آهيون، هاڻي ڪوشش آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ آءِ ٽي يونيورسٽي جو ڪئمپس يا هڪ مڪمل يونيورسٽي قائم ڪيون ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ به يونيورسٽيون ٺهن ۽ اتي پٺتي پيل علائقن جا نوجوان به تعليم حاصل ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، اسان جي سنڌ حڪومت 18 هين ترميم کان پوءِ سنڌ ۾ صحت جي شعبن ۽ ادارن ۾ سيڙپ ڪري پنهنجي سياست کي صحت جي ادارن کي بهتر ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته اسان جو صحت جي شعبي ۾ ٻئي صوبي سان نه پر دنيا سان مقابلو ڪري رهيا آهيون، فخر سان چئي سگهون ٿا ته هي سنڌ جو ادارو بڻجي چڪو آهي جتي دل جو علاج 100 سيڪڙو مفت ٿيندو آهي. پوري دنيا ۾ اهڙو نيٽ ورڪ يا ادارو ناهي جتي وڏي تعداد ۾ دل جي مريضن جو مفت علاج ٿيندو هجي. اهڙو ئي معاهدو اسان ايس آءِ يو ٽي سان ڪيو آهي جنهن اداري کي اسان سکر ۽ ڪراچي ۾ کڻي ويا آهيون، ڊاڪٽر اديب رضوي جي محنت به توهان جي سامهون آهي، اسان هن شاندار اداري کي هر هنڌ پهچايو آهي، هن چيو ته فخر سان چوان ٿو ته خيرپور جي تعلقي گمبٽ ۾ صحت جو جيڪو ادارو قائم ڪيو ويو آهي اهو پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، اسلام آباد جي ڀيٽ ۾ صرف گمبٽ جي هڪ اسپتال جيان طبي سهولتون ناهن جيڪي گمبٽ جي اداري جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي ادارن ۾ تمام گهڻي بهتري آڻڻ جي گنجائش آهي، گريجوئيٽس لاءِ منهنجو آخري پيغام هي آهي، ها، بهترين ڊاڪٽر بڻجو، پر ان کان به وڌيڪ، سٺا انسان بڻجو، ڇاڪاڻ ته سائنس جسم کي شفا ڏئي ٿي، پر انسانيت روح کي شفا ڏئي ٿي. ان موقعي تي زيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪندڙ ڊاڪٽرن کي قوم جو فخر قرار ڏيندي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته هي تقريب اميد، ڪاميابي ۽ اسان جي عوام لاءِ صحتمند مستقبل جي واعدي جي علامت آهي، تقريب جي رونق وڌائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان، ڪانووڪيشن ۾ مجموعي طور 317 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگرين سان نوازيو ويو، جن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جا 115، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جا 29، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جا 29، بينظير نرسنگ ڪاليج جا 80، انسٽيٽيوٽ آف فارمييسي جا 29 ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي جا 35 شاگرد شامل هئا۔ مجموعي طور 38 شاگردن کي تمغا ڏنا ويا، جن ۾ 18 سون، 10 چاندي ۽ 8 ڪانسي جا تمغا شامل آهن. پوسٽ گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۾ ڊاڪٽر سونالي کي پروفيسر وزير محمد شيخ ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر عريج کي پروفيسر نور محمد ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر افضل حسين کي پروفيسر بلقيس ملڪ ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر بختاور کي پروفيسر غلام رسول قريشي ميموريل گولڊ ميڊل ۽ ڊاڪٽر صبا کي پروفيسر اڪبر سيال ميموريل گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. مجموعي طور ستين ڪانووڪيشن ۾ شاگردياڻين نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي.