| سنڌ جي خانگي اسڪولن کي ٽرانسپورٽ في نه وڌائڻ جو حڪم |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي پاران سمورن خانگي اسڪولن کي شاگردن کان ٽرانسپورٽ جي مد ۾ اضافي رقم نه وٺڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيوٽ اسڪولز سمورن خانگي اسڪولن جي انتظاميا کي خط لکي شاگردن جي ٽرانسپورٽ سهوليت واري ڊيٽا طلب ڪئي آهي. خط ۾ چيو ويو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ شاگردن تي ڀاڙن ۾ واڌ جو بار نه وڌو وڃي. خط موجب ته شاگردن جي وٺي وڃڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ اسڪول ٽرانسپورٽ چارجز ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ ڊيٽا جمع ڪرائي وڃي، خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت ٽرانسپورٽ آپريٽرز کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن والدين ۽ وين مالڪن تي وڌيڪ مالي بار نه پوي.