سنڌ جي درياءَ، قومي وسيلن، ٻولي ۽ ڪلچر کي انيڪ خطرا درپيش آهن: ساڃاهه وند
ڊسمبر 1, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) ٻولي ماهرن، اديبن ۽ لطيف جي پارکوئن چيو آهي ته اڄ جي سنڌ جي درياءَ سميت ان جي وسيلن، ٻولي ۽ ڪلچر کي انيڪ خطرا درپيش آهن. انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ واسين کي متحد ٿي پنهنجي ڀرپور جدوجهد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار انهن سنڌ انڊيجينئس اينڊ ٽريڊشنل ڪرافٽس ڪمپني (سٽڪو) ۽ بسنت هال ڪلچرل سينٽر پاران حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري ٿر فيسٽيول جي هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. اها ويهڪ بسنت هال ۾ ٿي جنهن جو موضوع هو ٿر جو ڪلچر، ٿر جو لوڪ ادب، ٿر جا خانه بدوش قبيلا ۽ ٿر شاهه لطيف جي نظر ۾ سيشن ۾ ڳالهائيندي نامياري اديب نور احمد جنجهي چيو ته ٿر فطرت جو ڪلچر آهي جنهن سبب اڄ به ٿر جا ماڻهو فطرت سان جڙيل آهن. هن چيو ته دنيا پنهنجي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جڏهن ته ٿر واسي پنهنجي وجود کي فطرت جي اصولن تحت بچائيندا رهيا آهن. هن چيو ته ٿر جيتوڻيڪ مختلف حوالن سان ترقي ڪئي آهي ۽ اتي روڊن رستن جو ڄار به موجود آهي پر سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ اڄ جو ٿر پرامن خطو سڏجي ٿو. هن چيو ته ٿر جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي سان بي پناهه پيار ڪن ٿا. سنڌ جي ٻين علائقن جا ماڻهو مستقل لڏي ٻين هنڌن تي وڃي ويهن ٿا پر ٿر جو ماڻهو سُڪار جي وقت پنهنجي ٿر موٽي اچي ٿو. هن چيو ته بک ۽ لالچ ماڻهو جي ذهن ۾ هجي ٿي. ٿري بنيادي طور غريب هئڻ جي باوجود ذهني طور ڌرتي جا امير ترين ماڻهو آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو وٽن مهمان ٿي وڃي ته هو ان جي پنهنجي وس آهر خدمت ڪرڻ کان نه گهٽائيندا. خانه بدوشن جي قبيلن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن تي ڪم ڪندڙ خالد جوڳي چيو ته دنيا ۾ جدت اچڻ سان جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين حصن ۾ وڏي تبديلي آهي پر ٿر جا خانه بدوش قبيلا اڄ به پنهنجن پراڻن ريتن رسمن تي ڪاربند آهن. هن چيو ته خانه بدوش قبيلا جن ۾ جوڳي، ٻڙها، ڪوڪڙي ۽ ٻيا قبيلا اچي وڃن ٿا اهي پنهنجن ريتن رسمن کي محفوظ ڪيو ويٺا آهن. هن چيو ته سنڌو درياءَ تي بند ٻڌي ان جي پاڻي کي روڪڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. اهڙي صورت ۾ جڏهن سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه هوندو تڏهن ان ڪوڪڙي قبيلي جو ڇا ٿيندو جيڪو پنهنجا فيصلا کڻي درياءَ تي وڃي ٿو. هن چيو ته ٻڙها قبيلي جو دين ڌرم درياءَ سان لاڳاپيل آهي. ان قبيلي ۾ جڏهن شادي ٿئي ٿي تڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار درياءَ تي وڃي دان ڏئي پنهنجي مستقبل جي ڪامياب سفر لاءِ دعائون گهرن ٿا. هن چيو ته ٽيٽوز جو رواج اڄ جي دور ۾ عام جام ٿي ويو آهي جڏهن ته ٿر ۾ اهو رواج صدين کان هلندڙ آهي. اتي رهندڙ هر قبيلي جي الڳ سڃاڻپ آهي ۽ ان سڃاڻپ جو اندازو سندن جسم تي چٽيل ٽيٽوز مان ٿيندو آهي. هن چيو ته ٿر دنيا جو تاريخي ۽ تهذيبي پرڳڻو آهي جيڪو اڄ به پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.