سنڌ جي رول ماڊل گرل: ڪنول لاشاري ڪاڇي کان لنڊن پڙهڻ پهتي، ضلعي ڪائونسل دادو جي ميمبر به ٿي وئي

جُون 6, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪاڇي جي پٺتي پيل علائقي مان لنڊن جي لاء اسڪول پهتل سنڌ جي رول ماڊل گرل ڪنول لاشاري کي دادو ضلعي ڪائونسل ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ ملي وئي

ڪنول لاشاري ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ضلعي ڪائونسل ۾ نمائندگي ڏيڻ تي پ پ قيادت جي ٿورائتي آهيان

ڪنول لاشاري چيو ته سنڌ جي نياڻين کي پاڻ مڃائڻو آهي ته پوءِ تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، ٿيمس اسڪول آف لاء جي ڊگري ماڻڻ سان گڏ ڪاڇي واسي عورتن جي خدمت به ڪنديس

ڪنول لاشاري چيو ته ڇوڪرين لاءِ غربت، تعليم ۽ صحت وارين سهولتن جي کوٽ ۽ ننڍي ڄمار جون شاديون ڪاڇي جا وڏا مسئلا آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ ملاقات مثبت اڳڀرائي: بلاول

  • سخت جملن جي ڏي وٺ

  • آءِ ايم ايف مطالبا مڃيا آهن: وزيراعظم

  • ڪراچي ۾ نوجوان کي ڪانگو وائرس جي تصديق