ساحلي پٽي ۾ تيز هوائن سان وسڪارو: جهڏو ۾ وڄ ڪرڻ سبب پيرسن فوت

جُون 16, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان جي اثرن سبب سنڌ جي ساحلي پٽي تي طوفاني هوائن سان وسڪارو، جهڏو ۾ وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيرسن مگهو ڪولهي فوت ٿي ويو

ڪراچي جي ملير، ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي

حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، مٺي، ٺٽو، ميرپورساڪرو، ماتلي، گهارو، بدين، راڄوخاناڻي، ڪيٽي بندر ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات پئي

ٿرپارڪر، سيراڻي، غلام شاهه موري، نئون آباد، نئون ڪوٽ، چيلهار ۽ ڪنري ۾ به ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات پئي جڏهن ته برسات دوران بجلي بند ٿي وئي آهي

Leave A Comment