سنڌ جي سامونڊي بندرگاهن بابت اهم دستاويز

جُون 27, 2023

 سنڌ جي شاهوڪاري جو هڪ سبب ان جا سامونڊي بندرگاه به رهيا آهن. سنڌ جي ميلن تائين پکڙيل سامونڊي پٽيءَ ۾ مختلف هنڌن تي ڏيهه اندر يا ٻاهر وڻج واپار جو اهي مک ذريعو رهيا آهن ته جنگي طور به انهن جي اهميت رهي آهي. سنڌ جي بندرگاهن بابت مواد ڇڙ وڇڙ رهيو آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جو ڪتاب “سنڌ جا قديم سامونڊي بندر” خاص اهميت وارو بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ دادا سنڌيءَ جو ڪتاب “سنڌ جا بندر ۽ بازارون” به آيل آهي، جنهن ۾ دريائي ۽ سامونڊي بندرگاهون ذڪر هيٺ آيل آهن ۽ انهن جو مختصر انداز ۾ بنيادي احوال ڏنل آهي، پر ڊاڪٽر مانجهي جي ڪتاب ۾ چئن سامونڊي بندرگاهن لاهري، اورنگا، شاهبندر ۽ ڪيٽي بندر جو تفصيلي ذڪر آهي ۽ ان لاءِ اهم ڪتابن جا انيڪ حوالا ڪتب آندا ويا آهن،

گڏوگڏ هڪ مقامي ماڻهوءَ طور انهن جو جاگرافيائي ڏس بهتر انداز ۾ ڏنو ويو آهي. هن بندرگاهن جي ٺهڻ ۽ اسرڻ جي تاريخ به ڏني آهي ته سولائي سان سمجهائڻ لاءِ نقشا ۽ تصويرون به شامل ڪيون آهن. بندرگاهن جي ويران ٿيڻ جي سببن کي به ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان سان گڏ وڻج واپار طور انهن جي اهميت به بيان ڪئي آهي. انهن بندرگاهن تي حملا آورن جا به ڏس ڏنا ويا آهن، جيڪي انهن کي اورانگهي سنڌ جي شهرن کي تاراج ڪندا رهيا. بندرگاهن جي آرڪيالاجيڪل اهميت کي به بهترين انداز ۾ اپٽاريو ويو آهي.

ڪتاب ۾ لاهري بندر بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي ته اهو ڏهين صدي عيسوي کان اڳ اسريو ۽ ارڙهين صدي عيسوي تائين قائم رهيو، يعني لڳ ڀڳ اٺ سئو سالن کان مٿي. ڊاڪٽر مانجهي انيڪ حوالن بعد لاهري جي نالي جو نتيجو به ڪڍي ٿو ته ان جي اسرڻ ۽ تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ به ڏي ٿو. هن لاهري جي لوڪيشن اڳ وارن اڪثر محققن کان مختلف ڏني آهي، ڇو ته عام بيان اهو رهيو آهي ته هي ديبل وارو ئي بندر آهي. پر هن ان حوالي سان بگهياڙ شاخ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻيڙين وسيلي سفر جي وقت جي ڪٿ به ڏني آهي. هتي ان ڪري وڌيڪ تفصيل نه ٿا ڏجن، ڇو ته ڪتاب نئون آيل آهي، تفصيل پڙهندڙ پاڻ ڏسن ۽ ايئن ٻين بندرگاهن بابت تحقيق ڏنل آهي. ڪتاب موجب لاهري جو انتظامي ڪم شاهبندر وسيلي ٿيندو هو. مغلن، پورچوگيزن توڙي ترخانن جي خوني ڪاررواين جا به ذڪر ڏنل آهن. ڪتاب جو وڏو حصو لاهري بندر بابت آهي ۽ درجنين ڪتابن جي ڄاڻ جو عرق شامل آهي.

لاهري بعد سترهين صديءَ ڌاري قائم ٿيندڙ اورنگا بندر بابت ڄاڻ آهي، جيڪو مغل حاڪم اورنگزيب جوڙايو هو. ڊاڪٽر مانجهي موجب هي بندر جتي اقتصادي مقصد لاءِ هو، اتي هي دفاعي ۽ جنگي مقصد لاءِ به هو، ڇو ته 1652ع ۾ هي بندر جڙڻ تائين لاهري وٽ لٽ ٿي وئي هئي. ڪتاب موجب هن بندر کي ڪڪرالو به چيو ويندو هو. ڊاڪٽر مانجهي هن بندر جي لوڪيشن بابت پنهنجي تحقيق آڌار لکي ٿو: “آئون ڀانيان ٿو ته اورنگا بندر وارو اصل هنڌ ديهه اورنگ آباد وارو ئي آهي، جن آثارن کي هاڻي هميتون جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.” ۽ هن موجب 1849ع تائين سنڌوءَ جو وهڪرو به اتان وهندو هو ۽ اهم حوالن وسيلي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته سترهين ارڙهين صدين دوران هن بندر وٽ ڪلمي شوري جا ڪارخانا به هئا ۽ اتان پرڏيهه ڏانهن واپار ٿيندو هو. ڊاڪٽر مانجهي انهن اهم دستاويزن کي به هن بندر واري باب ۾ آندو آهي، جيڪي ڪلهوڙن حاڪمن ۽ انگريزن وچ ۾ ٿيا.

ڪتاب جي انتهائي اهم ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر مانجهي پاڻ انهن بندرگاهن جي ماڳن تي ويو آهي ۽ مقامي ماڻهن جي ڏاهپ مان فائدو ورتو آهي، جن کي حوالن طور به ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ماڳن جي ڪجهه فوٽن ۾ محقق به نظر اچي پيو. ڪيترن ئي حوالن سان هڪ ڀرپور تحقيقي ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ جي ميسارجندڙ ۽ وسرندڙ حصن کي منظر تي آڻي ٿو.

اورنگا بعد شاهبندر جو احوال آهي. ڊاڪٽر مانجهي موجب هي به ڪڪرالي واري علائقي ۾ اوج وارو بندر رهيو آهي. ڊاڪٽر مانجهي جي تحقيق موجب هي بندر غلام شاهه ڪلهوڙي کان اڳ به رهيو آهي. هن بندر کي ٻيهر اوج ڏياريو ويو. بندر جي نالي پوڻ کي به عام مروج حقيقت کان الڳ ڄاڻايو ويو آهي. بندر جي وڻج واپار توڙي ان بابت غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور جا انگريزن کي ڏنل رعايتن جا اهم دستاويز ڏنا ويا آهن، جيڪي بندرگاهن بابت هن ڪتاب وسيلي هڪ هنڌ سامهان آندا ويا آهن. شاهبندر شهر، انتظامي طريقن توڙي آثارن جا به موچارا تفصيل ڏنا ويا آهن.

ڪيٽي بندر بابت به نئين کوجنا موجود آهي، عام طور سڀ هاڻوڪو ڪيٽي بندر ئي سمجهن ٿا پر ڊاڪٽر مانجهي ان بندر وٽ آڳاٽي ڪيٽي بندر جي به کوجنا سامهون آندي آهي. ڪيٽي بندر جي ٻڏڻ ۽ وري وري اسرڻ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ۽ هاڻوڪي ڪيٽي بندر جي اسري اوج وٺڻ جو وقت اڻويهين صديءَ جي وچ وارا ڏهاڪا يعني 1848ع کان 1853ع وارا ڄاڻايا ويا آهن. ڪيٽي بندر تي اهو نالو ڪيئن پيو، اهڙي دلچسپ کوجنا به ڪتاب ۾ ڏنل آهي. هن بندر تان ان جي پوئين دور جو وڻج واپار جو رڪارڊ به ڏنو ويو آهي، جيئن: “مانواري سائين عزيز جعفراڻي صاحب کي هتان جيڪو ڪسٽم رڪارڊ مليو آهي، انهيءَ موجب 1889ع کان 1920ع تائين ڪيٽي بندر ۾ ايندڙ جهاز 376 رجسٽر ٿيا. جڏهن ته 1924ع ۾ ڪيٽي بندر ۾ 650 وڏيون ٻيڙيون ۽ غوراب موجود هئا.” وڻج واپار جا ٻيا به انگ اکر ڏنا ويا آهن ته انگريز سرڪار جي دور ۾ ڪراچي سان گڏ هتان به وڏو وکر ايندو ويندو هو. جيڪو عام طور ذڪر هيٺ ئي ناهي آيل.

هن مان اندازو ڪيو: “9-1908ع ۾ 382 جهاز، 8 هزار 20 ٽن سامان کڻي بندر تي آيا. 260 جهاز 7 هزار چار سئو 82 ٽن ٻين ملڪن ڏانهن کڻي روانا ٿيا.” اهڙا ٻيا اهم تفصيل آهن، جيڪي سنڌ جي هن بندر بابت ڏنل آهن. 1923ع جي حوالي سان آهي ته هتان پرڏيهه جيڪو سامان ويو ان جي ماليت 6 لک 23432 رپيا هئي. ڊاڪٽر مانجهي ڪيٽي بندر جي اجڙڻ توڙي هن وقت ان جي صورتحال بابت سربستا ۽ کوجنا وارا احوال مناسب تجزيي ۽ نتيجي سان ڏنا آهن. سنڌي ادبي بورڊ پاران 112 صفحن تي ٻڌل هي تحقيقي ڪتاب ان معيار وارو آهي جو انگريزي، اردو توڙي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ته هوند دنيا کي پتو پئي ته سنڌ جي سامونڊي پٽي جهازراني ۽ بندرگاهن جي حساب سان وڏي حيثيت رکندڙ آئي آهي. ڪتاب مان لڳي پيو ته سنڌ جي ٻين بندرگاهن بابت به ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جو ڪم هلندڙ آهي ۽ اها اهم ڄاڻ به سامهون ايندي.

Leave A Comment