سنڌ جي سخت مخالفت باوجود تڪراري چولستان ڪئنال تي ڪم هلندڙ، مروٽ برانچ تيار، زين شاهه پاران سرزمين پهچي وڊيوز جاري

مارچ 18, 2025

ڪراچي(م ڊ) سنڌ سرڪار جي شديد مخالفت ۽ سنڌ اسيمبلي مان اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪرائڻ باوجود تڪراري چولستان ڪئنال جي هڪ حصي تي ڪم جاري رهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. بهاولپور جي علائقي مروٽ ڪنڊائي واري علائقي ۾ چولستان ڪئنال مان نڪرندڙ مروٽ برانچ جي ٿيل کوٽائي ۽ اتي بيٺل مشنري به نظر اچي رهي آهي، ايس يو پي جو اڳواڻ سيد زين شاهه سرزمين پهچي ويو، تڪراري ڪئنال ٺهڻ واري هنڌ جون وڊيوز شيئر ڪري ڇڏيون.  تڪراري رٿا موجب سليمانڪي کان فورٽ عباس تائين 176 ڪلوميٽر ڊگهو چولستان ڪئنال ڪڍيو ويندو. چولستان ڪئنال جي مروٽ برانچ جا جيڪي فٽيج سامهون آيا آهن، اها برانچ 120 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي. تڪراري چولستان ڪئنال جي ميپ ۽ ڊزائين موجب هيڊ سليمانڪي وٽان نڪرندڙ هن ڪئنال کي جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج کان لنڪ ڪئنالن ذريعي پاڻي ڏنو ويندو، چولستان ڪينال ۾ 4 هزار 120 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏڻ جي گنجائش هوندي، تڪراري رٿا جي جاري ڪيل نقشي ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو ڪئنال جون کان آڪٽوبر تائين ٻوڏ جي پاڻي تي ۽ ٻن مهينن لاءِ پنجاب جي حصي واري پاڻيءَ تي هلايو ويندو ۽ ان ۾ سنڌو درياءَ جو پاڻي نه کنيو ويندو.پر سنڌ جي پاڻي ماهرن ۽ ٽيڪنوڪريٽس جو چوڻ آهي ته چولستان ڪئنال لاءِ جڏهن مٿان کان ئي جهلم، راوي ۽ چناب مان پاڻيءَ جي کڻت ٿيندي ته انهن درياهن جي پنهنجي ڪمانڊ ايريا ۽ بعد ۾ انهن جو سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي به گهٽجي ويندو، پاڻيءَ جي اها سموري کوٽ انڊس رور بيسن کي ڀوڳڻي پوندي. چولستان ڪئنال جي تڪراري رٿا تحت 4 لنڪ ڪئنالز ۾ پاڻيءَ جي گنجائش به وڌائي ويندي. رسول قادر آباد لنڪ ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي گنجائش 19 هزار ڪيوسڪس مان وڌائي 25 هزار ڪيوسڪس ڪئي ويندي، قادر آباد بلوڪي لنڪ ڪئنال ۾ گنجائش 22 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪيوسڪس ڪئي ويندي، بلوڪي سليمانڪي لنڪ ڪئنال ون ۾ پاڻيءَ جي گنجائش ساڍا 24 هزار ڪيوسڪس مان وڌائي 27 هزار 7 سئو ڪيوسڪس ۽ بلوڪي سليمانڪي لنڪ ڪئنال ٽو جي گنجائش 9 هزار ڪيوسڪس مان وڌائي ساڍا 16 هزار ڪيوسڪس ڪئي ويندي…..

حڪومت دوکو پئي ڪري (زين شاهه) ماڊل نه پر  پورو علائقو ڏيکاريو : مراد شاهه

ڪراچي: ايس يو پي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ زين شاهه چيو آهي ته مروٽ منڊائي جي هنڌ تي موجود آهيان، چولستان  ڪئنال تي جديد مشينري سان ڪم هلي رهيو آهي، هن علائقي ۾ منصوبي جو افتتاح به ٿي چڪو آهي، 3 سالن ۾ منصوبو مڪمل ڪيو ويندو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي زين شاهه چيو ته جيڪڏهن حڪمران سچ ڳالهاين ته ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، ڪوڙ ڳالهائي، دوکو ڏئي هلڻ مناسب ناهي، سنڌ جو وڏو وزير، صوبائي وزير، سينيٽر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بيان ڏئي رهيا آهن ته چولستان ڪئنال ڪٿي ٺهي  رهيو آهي ؟ سچ هيءُ آهي ته چولستان ڪئنال تي ڪم هلي رهيو آهي، هتي اچڻ جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي سچ ۽ مستقبل جي خطرن کان آگاهه ڪرڻ هو.. هن وڌيڪ چيو ته چولستان جي مروٽ ڪنڊائي واري علائقي جو دورو ڪري تڪراري ڪينال جي مروٽ برانچ جون وڊيوز ريڪارڊ ڪيون آهن ۽ چيو آهي ته ڪينالن تي ڪم جاري آهي ۽ پيپلزپارٽي توڙي سنڌ جا حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي ڪوڙيون دعوائون ڪري دوکو ڏئي رهيا آهن.

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه زين شاهه جي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪئنال نه پيا ٺهن، زين شاهه رڳو ماڊل واري هنڌ تي بيهي وڊيو ريڪارڊ ڪئي آهي، هن کي ٻيا علائقا به ڏيکارڻ گهرجن.  سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته چولستان ڪئنال تي ڪم نه هلي رهيو آهي، زين شاهه جتي ماڊل ٺهيل آهي، اتي بيٺو آهي، کيس چئو ته چڪر لڳائي سڄو علائقو ڏيکاري ته ڪٿي ڪم هلي رهيو آهي؟ وڏي وزير چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس وزيراعظم گهرائيندو آهي، اجلاس گهرائڻ لاءِ خط لکيو آهي، زين شاهه رڳو هڪ ماڊل جي وڊيو نه ڏيکاري، سڄو علائقو ڏيکاري، چولستان ڪئنال نه ٺهي رهيو آهي ۽ نه ئي نه ٺهندو.

تڪراري ڪئنال رٿا خلاف ڌرتي ڌڻين جون ريليون، مارچ، مظاهرا، ڌرڻا، گيت جهونگاري گل نڇاور

ڪراچي(نمائندن وٽان) پنجاب جي ريگستان جون زمينون آباد ڪرڻ لاٰءِ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي اڏجندڙ تڪراري  ڪئنال رٿا خلاف ڌرتي ڌڻين جون ريليون، مارچ، مظاهرا، ڌرڻا، گيت جهونگاري گل نڇاور خبر موجب تڪراري ڪئنال رٿا خلاف ڌرتي ڌڻين جون ريليون، مارچ، مظاهرا، ڌرڻا، گيت جهونگاري گل نڇاور ڪري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، وارهه ۾ سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف فنڪارن پاران ڳائي وڄائي احتجاج ڪيو ويو، قومي گيت ڳائي ڌرتي ۽ درياءَ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو، ڪڙيوگهنور ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي جاکرو نوحاڻي، ڪامريڊ ھميرو مل، محمد علي ٽالپر، محمد حسن چانگ، ايس ايس ٽي جي اڳواڻ دلدار نوحاڻي، سينيئر صحافي ناز مٺو جي اڳواڻي ۾ راھوڪي لڳ چور نالي اسٽاپ کان شھيد فاضل راهو جي مزار تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڌرتيءَ تي ڌاڙو نامنظور جا پُر جوش نعريٰ ھنيا ويا، گولاڙچي ۾ڌرتي ۽ درياءَ بچايو تحريڪ پاران شھيد فاضل راھو چوڪ تي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي چوٿين ڏينھن به جاکرو نوحاڻي، علي مردان شاھه، ابو نوحاڻي، خادم گجر، ڊاڪٽر لالچند، سيٺ قاسم ميمڻ، سيٺ نارائڻ داس، عمران شيخ، سليم سميجو، حسن جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي لاڪاليج حيدرآباد جي شاگردن آصف ککراڻي، عبد الله قاضي، مڪيش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڄامشوري ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي مهراڻ پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول جون سوين شاگردياڻيون ۽ شاگرد رستن تي نڪري آيا، سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي يونيورسٽي جي مک گيٽ تائين انڊس هاءِ وي تي پنهنجي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ٿاڻوبولاخان جي يوسي سري ۾ صحافي صاحب الدين خاصخيلي، سماجي ورڪر جميل احمد خاصخيلي، ڊاڪٽر پھلاج راءِ، ڊاڪٽر آسر مل، جاني خاصخيلي، مولابخش خاصخيلي، عبدلرزراق پالاري، امر مشتاق پالاري ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سري شھر کان بينظير چوڪ تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي  مظاھرو ڪيو ويو، دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ويڪسينيٽر ڪورس ڪندڙ شاگردن آزاد نيڪ پنهور، فراز شاهاڻي ۽ شهمير سهاڳ جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن اسپتال کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪرڻ بعد شهر جي مک ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي،  خيرپور ۾ پ ٽ الف طرفان استادن مختيار سولنگي، خير محمد سومرو، الله بچايو خاصخيلي، نبي بخش مڪول، ثناءُ الله مڱڻھار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوآدم ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي ٽيچرز ۽ شاگردياڻين فاطمه سنڌو ملوکاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جروار ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ڪوڙو گبول، قبول گبول، مجاھد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، چوٽياريون ۾ اڇڙو ٿر ادبي فورم ۽ صحافين جي سڏ تي مختلف سياسي تنظيمن جي اڳواڻن شاھجهان جوڻيجو، جبار جوڻيجو، اڪبر جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميرپورماٿيلو ۾ پ پ شھيد ڀٽو، جسقم ۽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن سعيد بوزدار، ڪامران سومرو، نعمان مرڻاس، صفدر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سجاول جوڻيجو ۾ نوجوانن علي رضا لاشاري، محمد حسن جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڏوڪري ۾ محمد ملوڪ عباسي، مٺل ڏيرو، ذيشان جسڪاڻي، مهراڻ سنڌي، سيف ابڙو، زين جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو، بهرام ۾ پرائمري اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ريلي ڪڍي، سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان رزاق آباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، ٻارڙن، ٻڍن، نوجوان، مزدورن، شاگردن شرڪت ڪئي. چولستان ڪينال خلاف ڀرپور نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ستار گوپانگ، عزيز لانگاهه، سندر ڪمار، ڄام ساگر، نبي بخش شيخ، ڊاڪٽر رحمت الله بروهي، ڀورا لعل ڀيل، مرتضي زئور ۽ ٻين ڪئي. ٻئي طرف ٺٽو ۾ جمعيت العلماءِ اسلام ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن، مولانا سليم عاطف چانڊيو ، مولانا عبدالوهاب ، مولوي ارشد ميمڻ ، مولانا عبدالله ناهيو ۽ ٻين پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌوءَ تي اڏجندڙ 6 تڪراري ڪئنال غير شرعي، غير انساني، غير اخلاقي آھن، جن خلاف مزاحمت جاري رھندي. سنڌو درياهه مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف عيد کانپوءِ 6 اپريل تي ٺٽي لڳ دولھه درياهه خان پُل تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٺٽو سجاول قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھنيو ويندو جڏهن ته چوھڙجمالي ۾ به جمعيت علماءِ اسلام ضلع سجاول جي سيڪريٽري جنرل حافظ فضل الله فياض چوھڙجمالي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي فتويٰ به اسان جي عالمن ڏني ۽ ڪئنالن خلاف به فتويٰ جاري ڪئي پئي وڃي، رمضان المبارڪ کانپوءِ سنڌ بچايو ۽ سنڌو بچايو جي عنوان هيٺ روڊن رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، 6 اپريل تي سنڌو درياءَ جي بئراجن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

عالمن سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنالن کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو، 6 اپريل تي ڌرڻن جو اعلان

سکر(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي عالمن سنڌو درياءَ تي تعمير ٿيندڙ 6 ڪئنالن کي غير شرعي قرار ڏيندي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي آهي، 6 اپريل تي سنڌ ۾ سنڌو درياءَ مٿان اڏيل پُلن تي احتجاجي ڌرڻا هڻڻ جو اعلان، سکر ۾ جي يو آءِ اڳواڻن راشد سومرو، مولانا عبدالقيوم، مولانا محمد صالح انڍڙ، سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم کانپوءِ سنڌو درياهه تي ڇهه نوان ڪئنال اڏڻ تي به فتويٰ جاري ڪندي جي يو آءِ جي عالمن اهڙي منصوبي کي غير شرعي قرار ڏنو آهي، اِن حوالي سان مجلس عامله جو ڪجهه ڏينهن اڳ آن لائين اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن  تحت مسجدن ۾ سنڌو تي غيرقانوني ڪئنالز اڏڻ خلاف وائيز ۽ مسجدن ٻاهران احتجاجي مظاهرا ڪرڻ سان گڏ پريس ڪانفرنسز پڻ ڪيون وينديون، هنن چيو ته سنڌو اسان جي زندگين جو مسئلو آهي، درياهه جو مسئلو سياسي ناهي، سنڌو هوندو ته اسان هونداسين، سڀني ڌرين کي سنڌ جي پاڻي تي متحد ٿيڻو پوندو، هنن چيو ته مختلف مدرسن جي نامور عالمن پنجن صفن تي مشتمل فتويٰ جاري ڪئي آهي، فتويٰ ۾ سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ غيرقانوني، غير آئيني کان پوءِ هاڻي غير شرعي به قرار ڏنا ويا، هنن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ملڪيت آهي، ان تي سنڌ جي رهواسين جو حق آهي، چون ٿا زمينون آباد ڪريون ٿا ٻڌايو وڃي ته سنڌو ڪناري آباد سکر ۽ پوري سنڌ ۾ پاڻي پيئڻ وارو فراهم ٿي رهيو آهي؟، خراب صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ سبب وڏي انگ ۾ ماڻهو بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، قبو سعيد خان ۾ ميتن کي غسل لاءِ پاڻي ناهي ھوندو، فصل دير سان پوکيا ويندا آهن، سنڌو جو پاڻي چوري ڪيو ويو ته ٿر جيان پوري سنڌ عذاب ۾ هوندي، اسان گرين پاڪستان منصوبي نالي سرمائيدارن کي نوازڻ جي مذمت ڪريون ٿا. پر هاڻي مذمت نه پر مزاحمت ڪرڻي پوندي، هنن چيو ته ڪئنال اڏڻ خلاف 6 اپريل گڊو بئراج، سکر بئراج، لاڙڪاڻو، خيرپور پل، دادو مورو پل، آمري قاضي آمد پل، ڄامشورو پل، ٺٽو سجاول پل تي ڌرڻا هنيا ويندا.

سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئنال رٿا جي مخالفت: ٻڌايو ته بجيٽ ڪٿي خرچ ڪئي اٿئو؟ اپوزيشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾بجيٽ کان اڳ تجويزن بابت بحث شروع، پهرين ڏينهن روايتي طور مخالف ڌر پاران سنڌ حڪومت تي تنقيد ۽ پ پ ميمبرن پاران صوبي ۾ ٿيلترقياتي رٿائن جي واکاڻ واريون تقريرون ڪيون ويون، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي 13 ميمبرن پاڻي، امن امان، اسپتالن، تعليم، روڊن جا مسئلا حل ڪرڻ جي گهر ڪئي، اجلاس ۾ تڪراري ڪئنالن جي پڻ مخالفت ڪئي وئي.  پ پ جي فاروق اعواڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، ملير ايڪسپريس وي ڪورنگي جي قسمت بدلائي ڇڏيندو. هن شڪايت ڪئي ته ڪورنگي ڪاز وي اسڪيم هر سال بجيٽ ۾ شامل ڪئي ويندي آهي پر تعمير نه ٿيندي آهي، مهرباني ڪري انهي کي مڪمل ڪريو، ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته مون گذريل سال به بجيٽ تيار ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني هئي. بجيٽ ۾ نظر ايندڙ رنگ پيلا ٿي ويا آهن. اهو اڃا تائين واضح ناهي ته حڪومت کي ڪهڙي شعبي ۾ ترقي ڪرڻ گهرجي؟ پيپلز پارٽي وارن کي پنهنجي قيادت جي لفظن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن حيدرآباد جي مسئلن جو  تفصيل سان ذڪر ڪيو، پ پ جي هير سوهو چيو ته ٻوڏ متاثرين لاءِ 20 لک گهر تعمير ڪري سنڌ جي ماڻهن جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. پنج لک چاليهه هزار بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن. هن تجويز ڏني ته سجاول ۾يونيورسٽي جي قيام لاءِ بجيٽ رکي وڃي. هن چيو ته منهنجي علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي.،  سنڌو درياءِ سنڌ جو ساهه آهي. پاڻي جي کوٽ سبب زراعت تباهه ٿي رهي آهي. اسان سنڌ کي سُڪڻ نه ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم جي قرت العين چيو ته بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي ؟ ڪيتريون اسڪيمون مڪمل ٿيون ؟ اسان کي خبر هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي خوف ۽ هراس جو شهر بڻجي رهيو آهي. هتي  انسانن جي ڪا به قيمت ناهي. حڪومت امن لاءِ قدم کڻي، پ پ جي شازيه ڪريم چيو ته لياري واسين کي بجلي جي غيرقانوني بلن کان ڇوٽڪارو ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم جي جمال احمد چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ ماڻهن جا مسئلا حل نه پئي ڪري ۽ نه ئي ايم پي ايز کي فنڊ ڏنا پيا وڃن، سينٽرل ضلعي ۾ پاڻي جو سنگين مسئلو آهي. رمضان ۾ مسجدن ۾ پاڻي ناهي. پ پ جي حسن علي شاهه چيو ته ڀريا شهر کان پڪاچانگ تائين روڊ مڪمل ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي معيد انور چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته ڪي 4 وانگر ريڊ لائين پروجيڪٽ مڪمل ٿيڻ وارو ناهي. پ پ جي ڄام شبير علي چيو ته ڄام نواز علي ۽ سنجهورو لاءِ فائر برگيڊ فراهم ڪيون وڃن. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

Leave A Comment