سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ امن ۽ امان جا مسئلا آهن: چيف جسٽس سنڌ

سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ امن ۽ امان جا مسئلا آهن: چيف جسٽس سنڌ

سکر/گهوٽڪي (نمائندن وٽان)چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو آهي ته مستقبل نوجوانن جو آهي، اڄ آئون چيف جسٽس سنڌ آهيان، سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو، اهو هڪ تسلسل آهي جيڪو جاري رهندو، ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوان وڪيل ايمانداري سان سخت محنت ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي بارڪائونسل گهوٽڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وڪيلن کي جديد دور جي گهرجن مطابق محنت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ جي ڀرتين جو عمل هلندڙ آهي ڪجهه مهينن اندر سنڌ مان ججن جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ امن امان جو مسئلو آهي،بدامني هوندي ته روزگار جا موقعا پيدا نه ٿيندا، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي کي هدايت ڪئي آهي ته امن امان بابت انتظاميه سان گڏجاڻي ڪري.ٻي طرف سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته عدالتي نظام ۾ جديد سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن ته جيئن انصاف جي فراهمي کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. هن چيو ته پهرين فيز تحت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سکر ۾ 6 ڪلو واٽ سولر سسٽم، لائبرري لاءِ ٻه واٽر ڊسپينسر، ايئر ڪنڊيشنرز، اي لائبرري، 42 ايئر ڪنڊيشنرز ۽ آر او واٽر پلانٽ شامل آهن، جن مان ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، چيف جسٽس سنڌ چيو ته سيڪنڊ فيز تحت روهڙي ۽ پنوعاقل لاءِ سولر پاور سسٽم ۽ اي لائبرري قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته سول ڪورٽ پنوعاقل لاءِ 3 ڪلو واٽ سولر سسٽم ۽ اي لائبرري مهيا ڪئي ويندي.چيف جسٽس سنڌ چيو ته هن وقت سول ججز ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽن جي کوٽ موجود آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڀرتين جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو.