ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا سنڌ جي 22 کرب 43 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ملازمن جي پگهارن ۾ 45 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي
وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي صدارت ۾ پري بجيٽ اجلاس ٿيو، ذريعن موجب هڪ کان 16هين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ۽ 16هين کان مٿي گريڊ جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو جي منظوري ڏني وئي آهي
پگھار ۾ واڌ جو حتمي اعلان اڄ بجيٽ اجلاس ۾ ڪيو ويندو، نئين مالي سال ۾ ڪينسر جي اسپتال قائم ڪرڻ سميت صحت جا 2 وڏا منصوبا آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته عوام جي سفري سهولتن لاءِ 250 نيون بسون خريد ڪيون وينديون