ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ جي 22 کرب 43 ارب رپين جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، ملازمن جي پگهارن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي
وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزيرمراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 11 وڳي پري بجيٽ اجلاس ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ترقياتي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 78 ارب واڌ ڪري 410 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ضلعي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 35 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن،تعليم کاتي لاءِ سڀ کان وڌيڪ 353 ارب رپيا رکيا ويندا، امن امان لاءِ 160 ارب رکيا پيا وڃن
مڪاني کاتي لاءِ گرانٽ ۾ به 6 ارب رپيا وڌائي گرانٽ 888 ارب رپيا ڪئي وئي، 111، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 109 ارب رپيا رکيا ويندا
آبپاشي کاتي لاءِ52، صحت لاءِ 44، گهرو وزارت لاءِ 11 ۽ 12 ارب ميگا منصوبن لاءِ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ٻوڏ متاثر 3 لک 53 هزار گهرن جي اڏاوت لاءِ 160 ارب مختص ڪيا پيا وڃن