سنڌ جي سمورن امتحاني بورڊن لاءِ گڏيل ۽ هڪجهڙو امتحاني معيار لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي سمورن امتحاني بورڊن لاءِ گڏيل ۽ هڪجهڙو امتحاني معيار لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سمورن امتحاني بورڊن لاءِ گڏيل ۽ هڪجهڙو امتحاني معيار لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، انگريزي، رياضي، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ بائلاجي جا امتحان هڪ ئي فريم ورڪ موجب ورتا ويندا. ان ڏس ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي يونيفارم امتحاني نصاب جي باضابطه منظوري سان گڏ ِ  اين او سي پڻ جاري ڪري ڇڏي، شروعاتي مرحلي ۾ نائين ۽ ڏھين ڪلاسن لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪيريڪيولم، اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ، سنڌ جي جائزي ۽ سفارشَن کانپوءِ يونيفارم امتحاني نصاب لاڳو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان تعليم واري وزير  سردار شاھ چيو آهي ته هاڻي صوبي جا سمورا تعليمي بورڊ هڪجهڙي امتحاني معيار ۽ فريم ورڪ موجب سوالناما تيار ڪندا، انهي فيصلي سان بورڊن وچ ۾ فرق ختم ٿي ويندو،  ڪنهن به بورڊ کي ڏکيو يا آسان سمجهڻ وارو تاثر به ختم ٿي ويندو. هن چيو ته نئون امتحاني نظام رٽو ھڻڻ واري سسٽم بدران سمجهه، استعمال (اطلاق) ۽ تنقيدي سوچ تي ٻڌل هوندو، جنهن سان شاگردن جي حقيقي سکيا جي صلاحيتن جو صحيح جائزو وٺي سگھبو. هن چيو ته جديد اسيسمينٽ نظام جي لاڳو ٿيڻ سان نه رڳو امتحاني معيار بهتر ٿيندو پر شفافيت ۽ هڪجهڙائپ کي به هٿي ملندي