| سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اي چالان متعارف ڪرائڻ جو فيصلو: ذميواري 3 ڊي آءِ جيز حوالي |
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس طرفان ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ به “فيس ليس اي-ٽڪيٽنگ” ( اي چالان ) متعارف ڪرائڻ جو فيصلو، تياريون مڪمل ڪرڻ لاءِ 3 ڊي آءِ جيز کي ذميواري سونپي وئي. پوليس ترجمان موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ فيس ليس اي-ٽڪيٽنگ سسٽم جي ڪارڪردگي ۽ انهي کي ٻين شهرن تائين وڌائڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ٻڌايو ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ فيس ليس اي-ٽڪيٽنگ جاري ڪرڻ لاءِ ڪجهه سامان فراهم ڪرڻ، آفيسرن جي فوري تربيت، سهولت مرڪزن ۾عملي جي مقرري جهڙا قدم کڻڻا آهن، ڊويزنل ڊي آءِ جيز پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۾ نصب ڪيل ڪيميرائن بابت رپورٽون جمع ڪرايون آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ فيس ليس اي-ٽڪيٽنگ کي عوام طرفان تمام گهڻي موٽ ملي آهي، ڪيميرائن جي انسٽاليشن سان نه رڳو ٽريفڪ ضابطن تي عمل ڪيو پيو وڃي پر سفر دوران غير ضروري دير جي شڪايتن ۾ به تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي، هاڻي جديد ٽيڪنالاجي جا ثمر صوبي جي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪيا پيا وڃن، موٽر وهيڪل ايڪٽ تحت سڀني ضلعن ۾ سهولت مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، جتي شهري پنهنجن شڪايتن لاءِ پهچي سگهن ٿا، ڊي آءِ جي (آءِ ٽي) صوبي جي مختلف ضلعن ۾ نصب ڪيل ڪيميرائن جي معيار، انهن جي ريڪارڊنگ ۽ اسٽوريج، انٽرنيٽ سهولتن ۽ ٻين ٽيڪنيڪل وسيلن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندو. جڏهن ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي، ٽريڪس سسٽم ۽ سهولت مرڪزن جي قيام بابت ڊويزنل ڊي آءِ جيز کي ضروري معلومات ۽ هدايتون فراهم ڪندو، سڀئي ضلعا ڪراچي ۾ قائم ڪيل مرڪزي “ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم” (ٽريڪس) کي ٽريفڪ جي خلاف ورزين جون تصويرون موڪليندا، اي-ٽڪيٽن جو جاري ڪرڻ ۽ پهچائڻ جو ڪم مرڪزي مرڪز مان ڪيو ويندو، سڀئي ڊي آءِ جيز پنهنجن ضلعن ۾ سهولت مرڪزن ۾ لاڳاپيل عملي کي مقرر ڪن تيارين جو جائزو وٺڻ کانپوءِ مختلف شهرن ۾ فيس ليس اي-ٽڪٽنگ شروع ڪئي ويندي.
| ڪراچي: 90 سيڪڙو اي چالان معاف: رڳو اڍائي ڪروڙ وصول |
ڪراچي: ڊي آءِ جي ٽريفڪ اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اي-چالان جي نفاذ کان پوءِ 23,000 کان وڌيڪ شهري سهولت مرڪزن جو دورو ڪري چڪا آهن، اي-چالان کي چيلنج ڪندڙ شهرين جو تعداد 200 کان گهٽ آهي، جاري ڪيل 93 هزار اي-چالانن مان 90 سيڪڙو معاف ڪيا ويا آهن، 4,000 چالانن تي اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي.
ڪراچي: پارڪنگ لائين جي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڊرون اڏامندا
ڪراچي: ڪراچي ۾ پارڪنگ لائين جي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڊرون اڏامندا. ڊي آءِ جي ٽريفڪ اجلاس کي ٻڌايو ته ايندڙ مرحلي ۾ پارڪنگ لائين جي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ زميني ۽ فضائي نگراني شروع ڪئي ويندي، “نو پارڪنگ” علائقن ۾ پارڪ ٿيل گاڏين کي اي-ٽڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس جي ڪارن ۽ ڊرون تي نصب ڪيل ڪيميرا/اسڪينر استعمال ڪيا ويندا،