سنڌ جي سمورين عدالتن لاءِ رمضان المبارڪ دوران نئون وقت مقرر 

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ رمضان المبارڪ جي مهيني دوران عدالتي وقت صبح  8:30 کان منجهند 1:30 وڳي تائين مقرر ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سومر کان خميس دوران عدالتي ڪاررواين دوران اڌ ڪلاڪ جو وقفو هوندو، جڏهن ته  جمعي تي عدالتي معاملا بنا وقفي جي صبح 8.30 کان 11.30 وڳي تائين جاري رهندا، سيشن ڪورٽن  لاءِ ساڳيو ئي وقت مقرر ڪيو ويو آهي.
 

سون جي اگهه ۾ 11 هزار رپيا واڌ، تولي جي قيمت 5 لک 19 هزار رپيا
 

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 11 هزار 700 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 5 لک 19 هزار 462 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 10 هزار 30 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 45 هزار 354 رپين جو ٿي ويو آهي.