| سنڌ جي سمورين يونيورسٽين کي استادن ۽ ڪامورن جو ڊگريون هيڪ کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم |
ڪراچي (رپورٽ: شاهدميراڻي) ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾10 ملازم جعلي ڊگرين ذريعي ڀرتي ٿيڻ جو اسڪينڊل ظاهر، ڊائو يونيورسٽي جي اختيارين پاران 3500 مان رڳو 450 ملازمن جون ڊگريون تصديق ڪرائڻ جي رپورٽ پيش، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران صوبي جي سموري يونيورسٽين جي استادن، ملازمن ۽ آفيسرن جون ٽن مهينن اندر هائر ايجوڪيشن ڪميشن ( هيڪ )کان ڊگريون تصديق ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪالهوڪي اجلاس ۾ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سال 2022ع کان 2025 تائين جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران آڊٽ اختيارين اعتراض ڪيو ته ڊائو يونيورسٽي جي ملازمن جي پگهارن تي هر سال 2 ارب 33 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميه ڊگريون تصديق ڪرائڻ بنا مختلف وقتن تي ڀرتيون ڪيون آهن، جيڪي غيرقانوني آهن۔ جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو پڇا ڪئي ته يونيورسٽي ۾ ڪيترا ملازم۽ آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن، ڪيترن ملازمن جون ڊگريون تصديق ٿي چڪيون آهن؟ موٽ ۾ ڊائو يونيورسٽي جي اختيارين ٻڌايو ته ڊائو يونيورسٽي ۾ 3500 ملازم آهن، جن مان 450 جي ڊگرين جي تصديق ٿي چڪي آهي، ڊگريون تصديق ڪرائڻ جو ڪم آئوٽ سورس ڪري ايڇ آر ايس ڪمپني حوالي ڪيو آهي۔اختيارين اعتراف ڪيو ته تصديق واري مرحلي دوران 10 ملازمن جون ڊگريون جعلي نڪتيون آھن۔ جعلي ڊگريءَ تي ڀرتي ٿيل ملازمن ۾ سيد فرخ حسين بي ڪام ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر رسيپشنسٽ،سيد ڪاشف حسين بي ڪام ڊگري تي 2019ع ۾ ڪانٽريڪٽي رسيپشنسٽ، نبيل احمد بي ڪام ڊگري تي 2024ع ۾ ڪانٽريڪٽ رسيپشنسٽ، محمد اويس جعلي بي ايس ڪمپيوٽر سائنس ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر سينيئر ڊيٽا پروسيسنگ آفيسر، مرزا عاطف بيگ جعلي بي ڪام ڊگري تي 2008ع ۾ ريگيولر سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر، محمد فهد بي ڪام جي جعلي ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر، فيضان علي بي ڪام جي جعلي ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر ايڊمنسٽريٽو اسسٽنٽ، عبدالناصر بي ڪام جي جعلي ڊگري تي 1988ع ۾ ريگيولر ايڊمنسٽريٽو آفيسر، بدر مجاهد بي اي ڊگري تي 2021ع ۾ ڪانٽريڪٽي اسسٽنٽ، رياض احمد جعلي ايم ڪام ڊگري تي 2024ع ۾ ڪانٽريڪٽي بلنگ آفيسر ڀرتي ٿيو۔ وائيس چانسلر اجلاس کي ٻڌايو ته جعلي ڊگرين تي ڀرتي ٿيل 10 مان 8 ملازمن کي برطرف ڪيو آهي، جڏهن ته ٻن ملازمن کي فائنل شوڪاز نوٽيس ڏنا آهن. کين ڪجهه ڏينهن ۾ برطرف ڪيو ويندو۔ پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو پڇيو ته يونيورسٽي ۾ ڪيترا ملازم ريگيولر ۽ ڪيترا ڪنٽريڪٽ تي آهن؟ جنهن تي انتظاميه ٻڌايو ته 3500 ملازمن مان 2500 ڪانٽريڪٽ تي آهن۔ جولاءِ 2021ع کان جون 2025ع تائين ريگيولر، ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز بنيادن تي 3023 ڀرتيون ڪيون ويون، جن مان فقط 54 ريگيولر آهن۔ ان موقعي تي پي اي سي سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين کي هدايت ڪئي ته اهي 3 مهينن اندر سڀني استادن، ملازمن ۽ آفيسرن جون تعليمي ڊگريون هائر ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ڪرايون وڃن۔
| سمورين ميونسپل ڪارپوريشنن جون پگهارن آن لائين ڪرڻ جو حڪم |
ڪراچي: پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ جعلي پگهارن ۽ جعلي پينشنن جي روڪٿام لاءِ پهرين مرحلي ۾ سڀني ميونسپل ڪارپوريشنن جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشنون سيپ سسٽم تحت آن لائين ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔ پي اي سي اجلاس ۾ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي آڊٽ پيرائن تي آڊٽ اختيارين پاران اعتراض ڪيو ويو ته پينشنرن کي لائيف ۽ نو ميريج سرٽيفڪيٽ بنا پينشن جاري ڪئي وئي آھي۔ پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو پڇاڻو ڪيو ته لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪيترا ملازم ۽ ڪيترا پينشنر آھن؟ جنهن تي ميونسپل ڪمشنر ٻڌايو ته اداري ۾ 1150 ملازم ۽ 150 پينشنرز آهن، جن مان فقط 34 پينشنرز جا لائيف ۽ نو ميرييج سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا آهن۔ ڪميٽي ميمبر طحه احمد چيو ته 150 مان فقط 34 سرٽيفڪيٽ هجڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته باقي پينشنون جعلي طور جاري ٿي رهيون آهن؟ چيئرمين نثار کھڙو چيو ته لوڪل ڪائونسلز ۾ جعلي پگهارن ۽ جعلي پينشن کي روڪڻ لاءِ سيپ سسٽم هر هنڌ لاڳو ٿيڻ گهرجي۔ مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪي ايم سي کانپوءِ فيبروري يا مارچ 2026ع ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ۽ بينظير آباد جي ميونسپل ڪارپوريشنز جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشنون سيپ سسٽم تحت آن لائين ڪيون وينديون۔
اسپيڪر _ نثار کهڙو اختلاف: بدلي ٿيل ۽ نئون سيڪريٽري اجلاس ۾ نه آيا
ڪراچي: پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سيڪريٽري جي بدلي وارو معاملو، بدلي ٿيل ۽ نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ئي نه ڪئي، سندن جاءِ تي ڊپٽي سيڪريٽري اجلاس ۾ ويٺو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاھ ۽ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو وچ ۾ اختلافن سبب پي اي سي سيڪريٽري جي تبديلي سبب ڪالهوڪي اجلاس ۾ بدلي ۽ مقرر ٿيل ٻنهي سيڪريٽرين اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.