| سنڌ جي سيشن ججن کي 2023ع جا1761 قتل ڪيس 3 مهينن ۾ اڪلائڻ جو حڪم |
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورون سيشن ججن کي 2023ع تائين جا قتل ڪيس 3 مهينن اندر نبيرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيسن جي روزاني نگراني ۽ هفتيوار بنياد تي ٻڌڻي يقيني بڻائڻ جي به هدايت، ان ڏس ۾ انسپيڪشن ٽيم جي ميمبر پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مينيجمينٽ سسٽم موجب مختلف ضلعن ۾ قتل جا پراڻا ڪيس وڏي انگ ۾ التوا جو شڪار آهن، سال 2023ع تائين مجموعي طور 1761 قتل جا ڪيس اڃا تائين نبيرجي ناهن سگهيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سڀني ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن کي ڪيسن جي روزاني بنياد تي نگراني جو حڪم ڏنو آهي، هر هفتي انهن ڪيسن جي ٻڌڻي مقرر ڪري ٽن مهينن اندر سڀئي پراڻا ڪيس اڪلايا وڃن، سيشن ججز ڪيسن جي نبيرڻ بابت هر مهيني ڪارڪردگي رپورٽون به جمع ڪرائين، ليٽر موجب خيرپور ضلعي ۾ قتل جا سڀ کان وڌيڪ 242 ۽ ڪراچي ۾ 632 قتل ڪيس التوا جو شڪار آهن.