ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو پهريون اجلاس هنگامن جي ور چڙهي ويو

جُولاءِ 18, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ڪائونسل جو پهريون اجلاس هنگامي جي ور چڙهي ويو، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي چيئرمينن پاران قبضا گير ميئر نامنظور جا نعرا، ميمبر ڪراچي کي حق ڏيو جا بينر کڻي شريڪ ٿيا

 ان ڏس ۾ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ڪائونسل جو پهريون اجلاس ميئر مرتضي وهاب جي صدارت ۾ ٿيو، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمينن پاران قبضا گير ميئر نامنظور  ۽ گو ميئر گو جا نعرا هڻڻ شرط جماعت اسلامي ۽ پ پ جا چونڊيل نمائندا آمهون سامهون ٿي ويا

ٻنهي پارٽين جي چونڊيل نمائندن پاران نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب اجلاس هنگامي جي ور چڙهي ويو، ان موقعي تي جماعت اسلامي جا ميمبر ڪراچي کي حق ڏيو جا بينر کڻي شريڪ ٿيا، هنگامي سبب اجلاس ختم ڪيو ويو. اجلاس ۾ حڪمران اتحاد سويڊن ۾ قران پاڪ جي بي حرمتي، پ پ اڳواڻ شير محمد بلوچ  ۽ عورت ڪارڪن جي لاڏاڻي  تي 3 ٺهراءُ پاس ڪري ورتا

حافظ نعيم فرعون آهي، شيرواني کپيس ته گفٽ ڪندس: ميئر

ميئر مرتضيٰ وهاب جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هڪ طرف ڪراچي جا مسئلا آهن ته ٻئي پاسي حافظ نعيم جي انا آهي، اسان جا سياسي ۽ نظرياتي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ڪراچي جي مسئلن تي سڀ گڏ آهيون، عيد الاعضحي تي سڀني گڏجي ڪم ڪيو

ڪراچي ميٽرو پوليٽن جي اجلاس بعد ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ سٽي ڪائونسل ۾ پارلياماني اڳواڻ ڪرم الله وقاصي سان گڏ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪي ايم سي جي تاريخ ۾ ڪڏهن اجلاس کان اڳ اجلاس نه گهرايو ويو، ماضي ۾ سڀئي اجلاس پنهنجي حساب سان ڪندا هئا، اسان مختلف روايت وجهي اجلاس کان اڳ اجلاس گهرايو

هن چيو ته ڪي ايم سي جي اجلاس دوران جڏهن تلاوت ٿي رهي هئي ته مخالفن نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، سوئيڊن واقعي خلاف ٺهراءِ پيش ڪرڻ دوران مخالف نعريبازي ڪري رهيا هئا

هن چيو ته اسان پنهنجن ميمبرن کي خاموش ڪرايو پر مخالف  چور چور جا نعرا هڻندا رهيا، اها انهن جي ڪراچي سان محبت آهي

سندس چوڻ هو ته نعمت الله جي دور ۾ شهر ۾ سائن بورڊ مافيا آئي، جنهن شهر جا فوٽ پاٿ ختم ڪيا، عبدالستار افغاني جي دور ۾ پ پ ميمبرن کي اغوا ڪيو ويو، هڪ شخص ( حافظ نعيم) پنهنجي انا ڪري سڀ ڪجهه مفلوج ڪرڻ چاهي ٿو، سندس غرور ۽ تڪبر ڪيسائين هلندو؟

هن چيو ته اوهان الخدمت  ذريعي خدمت ڪريو پر منفاقت نه ڪريو، دلين کي صاف ڪريو، هاڻ بدمعاشي نه پر خدمت واري سياست ٿيندي، اوهان کي شيرواني پائڻ جو شوق آهي ته آئون اوهان کي گفٽ ڪرڻ لاءِ تيارآهيان، اوهان کي شهر جي  چاٻي گهرجي  ته مون کان گهري وٺو، باقي اوهان کي شهر ۾ چائنا ڪٽنگ ڪرڻ نه ڏيندس

مرتضيٰ وهاب حافظ نعيم الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو ته  توهان ايوان ۾ فرعون بڻجي ويٺا هئا، مون اوهان کي تقرير ڪرڻ ڏني، آئون چاهيان ها ته اوهان کي مائيڪ ئي نه ڏيان ها،  توهان ڪراچي جا امير آهيو، پاڪستان جا امير ناهيو، ڪراچي جي مسئلن لاءِ سوچيو، انهي ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي

هن چيو ته شهري گو گو جا نعرا هڻندڙن کي ڏسي رهيا آهن،  اوهان وٽ تصوير ڪڍرائڻ حرام آهي، توهان سڄي شهر ۾ پنهنجا بل بورڊ هڻي ڇڏيا آهن، ڇا توهان کي انهن جو  بل موڪليان ؟

هن چيو ته ڪائونسل جو ڪم ٺهراءُ پاس ڪرائڻ آهي، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر  کي ڪم ڪار لاءِ جماعت اسلامي جي ضرورت ناهي، شهرين کي اسان جو  ڪم نظر ايندو

پي ٽي آءِ جي 32 ميمبرن جي گمشدگي بابت جي آءِ ٽي جوڙيو: حافظ نعيم

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ميئر اجلاس جي ڪارروائي هلائڻ بدران پنهنجي پسند جي ماڻهن سان ڳالهايو ۽ اٿي هليو ويو، ايوان ۾ جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، اهو افسوسناڪ آهي، پيپلز پارٽي 14 جون تي ايڊمنسٽريٽر ذريعي ڪي ايم سي ذريعي بجيٽ پاس ڪرائي هئي، اسان جو پهريون مطالبو هو ته اها بجيٽ ڪائونسل مان  پاس ڪرائي وڃي

سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٿيل هنگامي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڳوڻي سٽي ناظم نعمت الله خان جي دور ۾ توهان کي هڪ ڪروڙ رپيا يوسيز ۾ ڏنا ويا هئا، توهان ڇا ڏنو؟ هي ماڻهو 15 سالن کان اقتدار ۾ آهن، هنن شاهراهه فيصل جي مرمت تي اربين رپيا خرچ ڪيا،  هاڻ ٻيهر خرچ ڪندا

 هن چيو ته سٽي ڪائونسل ۾ منهنجو مائيڪ بند ڪري ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، اڪنامسٽ ميگزين موجب ڪراچي جو شمار دنيا جي بدترين شهرن ۾ ٿئي ٿو،  اسان قبضي واري مينڊيٽ خلاف آهيون، اسان ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر گڏ آهيون، آئون نواز ليگ  جي ميمبرن کي هتي اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو

هن چيو ته سمورن ادارن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته ميئر جي چونڊ وقت پي ٽي آءِ جا 32 ميمبر ڪيڏانهن ويا هئا؟

هائڊرنٽس ختم ڪريون پيا:  واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج  جي پراڻين لائينن کي تبديل ڪبو: ميئر

ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 1.6 ارب ڊالرن جي لاڳت سان ڪراچي جي  واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج  جي پراڻين لائين کي تبديل ڪيو ويندو، آئون پاڻي چورائيندڙ هائڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، ڪورنگي ۾ ڪارروائي ٿيڻ بعد چڪرا ڳوٺ ۾ پاڻي پهچڻ شروع ٿي ويو آهي

ميئر پاران ڪورنگي ڪاز وي رٿا  جو سڀاڻي افتتاح ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي جي ميئر  حافظ نعيم اعلان ڪيو ته آئون اربع تي مڪاني کاتي جي وزير ناصر شاهه سان گڏجي ڪورنگي ڪاز وي جي رٿا  جو افتتاح ڪندس، اها رٿا هڪ سال اندر مڪمل ٿيندي

Leave A Comment