سنڌ جي شعور آڏو بيٺل سوال … ذات، قبيلا، پير پرستي ۽ نام نهاد سرداري نظام … امداد سومرو

                 سنڌ هڪ اهڙي سماج جو نالو آهي، جتي صدين کان گڏجي رهڻ، سهپ ۽ انساني قدرن جون روايتون موجود رهيون آهن. پر ساڳي وقت، هيءَ به هڪ تلخ حقيقت آهي ته شاندار ماضي ۽ شعور رکندڙ سنڌ اڄ  ڪيترن اهڙن فرسوده سماجي ڍانچن ۾ جڪڙيل آهي، جيڪي وقت سان گڏ ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿيندا ويا آهن. ذات برادري جي بنياد تي سياست، قبيلائي نظام، سرداري سوچ ۽ پيري مريدي جو ڍانچو ـ اهي سڀ عنصر سنڌ جي فڪري آزادي ۽ اجتماعي شعور لاءِ سنجيده سوال بڻيل آهن.اصل مسئلو اهو ناهي ته ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ سان محبت ڪن ٿا؛ مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن سڃاڻپ سوچ جي جاءِ وٺي ٿي، ۽ قبيلو، ذات يا پير انسان جي ذهن، ضمير ۽ اصولن مٿان حاوي ٿي وڃي ٿو. سماج جڏهن اصولن بدران واسطن، نظرين بدران نسبتن ۽ تعلقات ۽ انصاف بدران وفادارين تي هلي، ته پوءِ اهڙو سماج اڳتي وڌڻ بدران هڪ دائري ۾ ڦرندو رهي ٿو.

                 نادر جمالي جو واقعو هجي يا سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پيش آيل اهڙا واقعا، انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه حوصلا افزا به آهي. عام سنڌي ماڻهو ذات پرستي ۽ قبيلي پرستي کان بالاتر ٿي مظلوم سان گڏ بيٺو آهي، تڏهن هن ذات، قبيلو يا برادري نه ڏٺي آهي. احتجاج، سوال ۽ همدردي گهڻو ڪري انهيءَ سماج مان اڀري آهي، جنهن کي اسين “عام ماڻهو” سڏيون ٿا، نه انهن تنظيمن مان، جيڪي پاڻ کي ذاتي يا مذهبي نمائندگيءَ جون دعويدار چون ٿيون.

ڪجهه سال اڳ خيرپور ۾ ستن حرن جو قتل هڪ وڏو انساني الميو هو. پر ان واقعي تي حر جماعت جي قيادت طرفان جيڪا خاموشي ڏٺي وئي، اها ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. ان جي مقابلي ۾، ڪراچي پريس ڪلب تي جيڪو احتجاج ٿيو، اهو سنڌ جي سول سوسائٽي، صحافين ۽ باشعور حلقن ڪيو. اها ڳالهه پاڻمرادو اهو ٻڌائي ٿي ته ظلم خلاف آواز اڄ به قبيلائي يا پيراڻي ڍانچن بدران سماجي شعور مان نڪري ٿو.سنڌ ۾ جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ذات پرستي، قبيلي پرستي ۽ پير پرستي سڀ کان وڌيڪ انهن علائقن ۾ نظر اچي ٿي، جتي غربت انتهائي شدت اختيار ڪري چڪي آهي. ٿر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، خيرپور ۽ ڪاڇي جا علائقا ان جا چٽا مثال آهن. اهي علائقا، جتي ماڻهو اڄ به ڏڪار، بک، بيماري ۽ بيروزگاري سان وڙهي رهيا آهن، ساڳيا علائقا مختلف گادين ۽ جماعتن جا مضبوط ڳڙهه پڻ آهن.

اهو ڪو اتفاق ناهي ته حر جماعت جا اثر عمرڪوٽ، مٺي، سانگهر، خيرپور جي ٿر ۽ ريگستاني علائقن تائين محدود آهن، شاهه محمود قريشي جا مريد نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ آهن، پنجاب يا سرائيڪي پٽي ۾ نه. ساڳي نموني، مخدومن جون جماعتون، لنواري شريف، ڪاڇي ۽ نينگ جي صالح شاهه جون گاديون، اهي سڀ به انهن ئي علائقن ۾ اثرائتيون آهن، جتي غربت انسان کان سوال ڪرڻ جي طاقت کسي ورتي آهي.

هيءُ به هڪ دردناڪ سچ آهي ته انتهائي غريب ماڻهو، جيڪي پنهنجي ٻارن جي تعليم، صحت ۽ خوراڪ لاءِ پريشان آهن، سي به پيرن ۽ گادين کي وڏي رقم نذراني طور ڏين ٿا. عقيدت پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن عقيدت سوال ڪرڻ جي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي، تڏهن اها استحصال جو روپ اختيار ڪري ٿي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهي گاديون ۽ جماعتون، جن وٽ ڪروڙين ۽ اربين روپيا گڏ ٿين ٿا، انهن جا پير صاحبان ۽ گادي نشين صاحبان پيري مريدي جي بنياد تي ميمبر، وزير ۽ مشير ٿين ٿا ته اهي ساڳين پنهنجن علائقن ۾ بنيادي انساني سهولتن جي فراهميءَ لاءِ ڪو منظم ڪردار ادا ڪندي نظر نٿا اچن، انهن جي ترجيح صرف پنهنجي لاءِ ڏوڪڙ پيسا، مال ۽ ملڪيتون گڏ ڪرڻ آهي، مريدن جي فلاح بهبود، علاج معالجو ۽ تعليم انهن جي آخري ترين ترجيح به ڪڏهن نه رهي آهي، جيئن هن خطي ۾ آغا خان جو مثال آهي، جنهن پنهنجي مريدن ۽ برادري کي انساني ترقي جي معراج تي پهچايو، اسان جا سنڌ ۽ پنجاب جا مرشد ۽ خونريزي ڪرائيندڙ سردار ان جي عشر عشير به نه آهن.

سنڌ جو مسئلو مذهب يا روحانيت سان يا قبيلي پرستي سان نه، پر طاقت جي ان غير متوازن استعمال سان آهي، جيڪو غربت، جھالت ۽ خوف مان فائدو وٺي ٿو. قبيلو، ذات، سردار ۽ پير جڏهن سوال کان مٿانهان ٿي وڃن، ته پوءِ سماج ۾ انصاف بدران تابعداري جنم وٺي ٿي.

اڄ سنڌ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي، جتي ان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هوءَ پنهنجي مستقبل کي ڪهڙي رستي تي وٺي وڃڻ چاهي ٿي. ڇا اسان پنهنجون دوستيون، تعلقات ۽ سياسي چونڊ اڃا تائين ذات، قبيلو ۽ گادي ڏسي ڪنداسين؟ يا پوءِ اسان اصولن، نظرين ۽ انساني قدرن کي ترجيح ڏينداسين؟

نادر جمالي جهڙن واقعن تي سنڌي سماج جو گڏيل ردعمل اها اميد ڏياري ٿو ته شعور اڃا زنده آهي. هاڻي ضرورت ان شعور کي منظم ڪرڻ جي آهي، بغير نعريبازي، بغير نفرت، پر گهري فڪري سوالن سان. ڇو ته سنڌ جو مستقبل ڪنهن گادي نشين يا سردار جي هٿ ۾ نه، پر انهيءَ عام ماڻهوءَ جي شعور ۾ لڪل آهي، جيڪو اڄ به ظلم خلاف بيهڻ جي همت رکي ٿو.

اي آئي ۽ جديد انساني ترقي جي دور ۾ ڏسڻو آهي ته اسان جي سنڌ ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي؟ ڇا اسان اڃا به پنهنجي ووٽ، آواز ۽ وفاداري ذات، قبيلو ۽ گادي ڏسي ڏينداسين؟ ڇا بک، ڏڪار ۽ بيماريءَ ۾ جيئندڙ انسان لاءِ پير جو نذرانو تعليم، علاج ۽ روزگار کان وڌيڪ اهم رهندو؟ ڇا هر ظلم کان پوءِ قبيلو بچائبو ۽ مقتول وساريو ويندو؟ ڇا سوال ڪرڻ اڃا به بي ادبي، بغاوت يا “گناهه” سمجھيو ويندو؟ ڇا گادي نشينن کان ڪڏهن پڇيو ويندو ته انهن جي ڪروڙين اربين روپين جي طاقت غربت گهٽائڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ ڇا سنڌ جو نوجوان سردار ۽ پير جي پاڇي ۾ ئي مستقبل ڏسندو، يا پنهنجي عقل ۽ شعور تي ڀروسو ڪندو؟ ۽ سڀ کان اهم سوال ته ڇا سنڌ هاڻي به ظلم خلاف گڏ بيهڻ کي ذاتي واقعو  سمجهندي رهندي، يا ان کي اجتماعي ضمير جي ذميواري بڻائيندي؟ اهي سوال ڪنهن خلاف نه، پر سڀني لاءِ آهن. ڇو ته سنڌ جو مستقبل نعريبازيءَ ۾ نه، پر انهن سوالن جا ايمانداريءَ سان جواب ڳولڻ ۾ لڪل آهي.