سنڌ جي شهرن، ڪچي، ٽريفڪ، هاءِ ويز ۽ پٽڙين جي فضائي نگراني جو اعلان: ڪميٽي قائم

سنڌ جي شهرن، ڪچي، ٽريفڪ، هاءِ ويز ۽ پٽڙين جي فضائي نگراني جو اعلان: ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس پاران شهرن، ، ٽريفڪ، ريلوي پٽڙين ، هاءِ ويز ۽ ڪچي وارن علائقن جي مؤثر ۽ مستقل نگراني لاءِ “فضائي نگراني شعبو” (Aerial Surveillance Division)  قائم ڪرڻ جو فيصلو، سينيئر آفيسرن تي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان، پوليس ترجمان موجب آءِ جي  جاويد عالم اوڍو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران ڊي آءِ جي آءِ ٽي فضائي نگراني جي موجوده نظام، جديد ٽيڪنالاجي، ڊرونز ۽ ٻين اوزارن جي استعمال، تربيتي ضرورتن ۽ ان جي عملي فائدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، آءِ جي سنڌ چيو ته فضائي ۽ ڊجيٽل نگراني جديد پوليسنگ جي اهم ضرورت ۽ مستقبل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ فضائي نگراني جي نظام سان پوليسنگ ۽ سرويليئنس نه صرف آسان ٿيندي پر وڌيڪ مؤثر ۽ قابلِ اعتماد به بڻجندي،سندس چوڻ هو ته شهري علائقن، اهم شاهراهن، ريلوي ٽريڪن، هاءِ ويز ۽ ڪچي علائقن ۾ مسلسل فضائي نگراني سان ڏوهن جي بروقت روڪٿام، مشڪوڪ سرگرمين جي نشاندهي ۽ فوري ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ڊجيٽل ۽ فضائي نگراني جي مؤثر استعمال سان ٽريفڪ مينيجمينٽ، هجوم تي ضابطو، عوامي اجتماع جي نگراني ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن هدايت ڪئي ته ڪاميٽي شعبي جي قيام لاءِ سمورن دستاويزي معاملن، ٽيڪنيڪل ضرورتن ۽ تربيتي پروگرامن تي مشتمل جامع ۽ قابلِ عمل سفارشون جلد پيش ڪري،