سنڌ جي شگرملن کي 32 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ پرڏيهه وڪڻڻ جي اجازت

جُون 24, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنڌ جي شگر ملز کي 32 هزار ميٽرڪ ٽن ڏيسارو اُماڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، 12 جولاءِ کان اجازت هوندي

ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي شگر ملز کي 32 هزار ميٽرڪ ٽن پرڏيهه وڪرو ڪرڻ  جي اجازت ڏني وئي،  شگر ملز 12 جون کان ايندڙ 60 ڏينهن دوران کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت هوندي

اجلاس ۾ 16 مختلف ترقياتي رٿائن لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ روپيا گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي جڏهن ته  ريلوي جي ملازمن جي پگهار ۽ پينشن لاءِ اڍائي ارب روپيا اضافي گرانٽ منظور ڪئي وئي

 فنانس ڊويزن لاءِ اڍائي سئو ارب ۽ هائوسنگ وزارت لاءِ 3 ارب 80 ڪروڙ روپين وارين فني گرانٽس جي به منظوري ڏني وئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • حيدرآباد : سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف وٽرنري ڊاڪٽرن جو احتجاج

  • ناليواروراڳي راحت فتح علي خان سيوھڻ پھتو، قلندر جي مزار تي حاضري

  • شاهه عنايت شهيد جو عرس سڀاڻي شروع، تياريون مڪمل

  • ڪشمور مان اغوا ڪيل پورهيت بازياب نه ٿيا، شهرين جو ڌرڻو